Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
پاڪ ۾ گهڻي تاثير رکي هئي، جيڪو سندن پياريون پياريون ڳالهيون ٻڌي وٺندو هو، ان جي دل نرم ٿي ويندي هئي.
28 رجب شريف، سن 1337 هجري، جمعي جو ڏينهن هو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جبل پور ۾ تشريف فرما هئا، عصر جي قريب جو وقت هو، مريد ۽ عاشق گڏ ٿي ويا، مختلف علمي سوال جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان دوران بدمذهبن ۽ برن ماڻهن جي صحبت کان بچڻ جي متعلق مدني گل ارشاد فرمايا.
اعليٰ حضرت جو شهزادو علامه مصطفيٰ رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي ٿو: ان جلسي ۾ ڪجھ اهي ماڻهو به هئا جيڪي بدمذهبن وٽ ويهندا هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون قيمتي نصيحتون ٻڌي اهي دل ئي دل ۾ سندن کي ملامت ڪري رهيا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪنڊ مان توبه ۽ استغفار جو آواز به اچي رهيو هو، ان موقعي تي هڪ صاحب ندامت سان اٿيو ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي قدمن تي ڪري توبه ڪرڻ لڳو.
ان تي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: ڀائرو! هي وقت نزولِ رحمت جو آهي، سڀئي پنهنجن پنهنجن گناهن کان توبه ڪن، جن جا پوشيده گناهه هجن، اهي دل ئي دل ۾ توبه ڪن ۽ جن جا اعلانيه گناهه هجن، اهي اعلانيه توبه ڪن. سڀ سچي دل سان توبه ڪن ته الله رب العزت اهڙي ئي توبه قبول فرمائي ٿو. مان دعا ڪريان ٿو ته الله پاڪ اوهان سڀني کي استقامت عطا فرمائي.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي انهن چند جملن محفل جو رنگ ئي بدلائي ڇڏيو، سندن زبان مبارڪ جي تاثير اهڙي هئي جو ماڻهو دانهون ڪري روئڻ لڳا، عجيب پرڪيف سماع هو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پاڻ به روئي روئي مغفرت جون دعائون گهري رهيا هئا. شهزاده اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وضاحت مطابق ان موقعي تي ڪل 107 افرادَ پنهنجي گناهن کان توبه ڪئي ۽ نيڪ رستي جا مسافر بڻجي ويا. ([1])