Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
(مثال طور اَعُوْذُ بِالله پڙهي)، الله پاڪ ان سان گڏ هڪ فرشتو مُقَرَّر فرمائي ڇڏيندو، جيڪو شيطان کي ان کان پري ڀڄائيندو رهندو. ) [1](
امام حَسَن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن ٻانهو دِل کي حاضر ڪري (يعني معنيٰ تي ڌيان رکي) اَعُوْذُ بِالله پڙهندو آهي ته الله پاڪ ٻانهي ۽ شيطان جي وچ ۾ 300 پردا حائِل فرمائي ڇڏيندو آهي.)[2](
سُبْحٰنَ الله! هي آهي شيطان جهڙي خطرناڪ ترين اِيْمان جي دُشمن کان حفاظت جو طريقو. ڪيترو آسان عَمَل آهي، بَس روزانو وقت ڪڍي... وقت به ڪيترو ڪڍڻو آهي؟ چند سيڪنڊ. بس ٿوري تَوَجُّه فرمايو! ذِهن ٺاهيو! روزانو صِرْف 10 ڀيرا اَعُوْذُ بِالله پڙهڻ جي عادَت بڻائي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ فرشتي کي اسان جي حفاظت لاءِ مُقَرَّر فرمائي ڇڏيندو.
اِسْتِعَاذَه سُنّتِ انبيا آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اِسْتِعَاذَه (يعني الله پاڪ جي پناهه گهرڻ) سُنّتِ انبياء آهي. قرآنِ ڪريم ۾ اُن جو ذِڪر موجود آهي. حضرت نُوح عَلَیْهِ السَّلَام عرض ڪيو:
رَبِّ اِنِّیْۤ اَعُوْذُ بِكَ (سيپارو: 12، سورت هود: 47)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اي منهنجا رب! مان تنهنجي پناھ گهران ٿو.
حضرت يوسُف عَلَيهِ السَّلَام ۽ زُليخا جو جڏهن اهو واقعو ٿيو، ان وقت حضرت يوسُف عَلَيهِ السَّلَام چيو هو:
مَعَاذَ اللّٰهِ (سيپارو: 12، سورت يوسف: 23)
ترجمو ڪنزُ العرفان: (اهڙي ڪم کان) الله جي پناھ.
اِئين ئي حضرت موسيٰ عَلَيهِ السَّلَام الله پاڪ جي پناهه گهري، حضرت مريَم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جيڪا پاڻ نَبِيّہ ناهي پر هڪ عظيمُ الشَّان نبي حضرت عيسيٰ عَلَيهِ السَّلَام