اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

ان کي وساري ڇڏيو ٿا، اهو توهان کي نٿو وساري، توهان جي اندر ان جا جاسُوس موجود آهن، پوءِ اهو لازمي آهي ته اوهان شيطان سان جنگ ڪيو! نه ته هلاڪت کان محفوظ نه رهي سگهندؤ.)[1](

الله پاڪ جي پناهه ۾ اچي وڃو..!

پيارا اسلامي ڀائرو! شيطان واقعي نهايت خَطرناڪ دُشمن آهي، هي اهو خَبِيث آهي، جيڪو جان کي نُقصان ناهي پهچائيندو، اِيْمان کسي هميشه لاءِ جهنّم جو حقدار بڻائيندو آهي. تنهنڪري سَعَادتمند اهو ئي آهي جيڪو ان خَبِيث سان دُشمني ڪري ۽ اِن جي چالن کان هميشه بچڻ جي ئي ڪوشش ڪندو رهي.

هاڻي سُوال اهو آهي ته اُن خَبِيث کان ڪيئن بچجي؟ آيتِ ڪريمه ٻڌندا! الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اِمَّا یَنْزَغَنَّكَ مِنَ الشَّیْطٰنِ نَزْغٌ فَاسْتَعِذْ بِاللّٰهِؕ-اِنَّهٗ هُوَ السَّمِیْعُ الْعَلِیْمُ(۳۶)

(سيپارو: 24، سورت حٰم السجده: 36)         

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ جيڪڏهن توکي شيطان جي طرف کان ڪو وسوسو اچي ته الله جي پناھ گهرو. بيشڪ اهو ئي ٻڌڻ وارو، ڏسڻ وارو آهي.

 يعني اي انسان! جيڪڏهن شيطان توکي وَسْوَسو ڏياري، الله پاڪ جي نافرماني تي اڀاري ته ان جي شَر کان بچڻ لاءِ الله پاڪ جي پناهه گُهر، رَبِّ ڪريم جي حُضُور التجائون ڪر، بيشڪ اهو تنهنجون دُعائون، التجائون ٻڌڻ وارو، تنهنجي حَال کي ڄاڻڻ وارو آهي.  )[2](

دين جي راهه جو خطرناڪ ترين ڌاڙيل...!!

حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ فرمائن ٿا: هڪ رات مون خواب ڏٺو، ڇا ٿو ڏسان، شيطان پنهنجا سڀئي ڪپڙا لاهي ڇڏيا آهن ۽ انسانن سان کيڏي رهيو آهي. مون پڇيو: اي بيشرم! توکي حيا نٿو اچي، ڪپڙا لاهي ماڻهن جي سامهون اچين ٿو؟ شيطان چيو: اي جنيد...!


 

 



[1]... منہاج العابدین، العقبۃ الثالثۃ عقبۃ العوائق، العائق الثالث: الشیطان، صفحہ:132۔

[2]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:24، سورۂ حم السجدۃ، زیرِ آیت:36، جلد:8، صفحہ:644 بتصرف۔