Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
به آهي ته اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ڪثرت سان پڙهندا ڪريون، هن هڪ جملي ۾ ٻانهو اِقْرار ڪندو آهي ته ٭ مان پاڻ کي سڃاڻي چڪو آهيان، ڏاڍو ڪمزور آهيان ٭ مان اهو به ڄاڻان ٿو ته شيطان منهنجو سخت ترين دُشمن آهي ٭ ۽ مان اهو به ڄاڻان ٿو ته الله پاڪ جي پناهه جي بغير مان جتي به آهيان، غير مَحْفُوْظ آهيان، تنهنڪري مان الله پاڪ جي پناهه ۾ اچان ٿو. جڏهن ٻانهو ائين الله پاڪ جي پناهه گهرندو آهي ته رَبِّ ڪريم ڏاڍو رحمٰن ۽ رحيم آهي، ٻانهي کي پناهه عطا فرمائيندو آهي. جڏهن الله پاڪ جي پناهه مِلي وڃي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هڪ شيطان ته ڇا ڪروڙين شيطان به اسان جو ڪجهه نٿا بگاڙي سگهن. الله پاڪ اسان کي ان جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسةُ المدينه بالِغان
پيارا
اسلامي ڀائرو! گناهن کان نفرت جو جذبو حاصل ڪرڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي سَعَادت حاصل
ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي دِيني تنظيم دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿي
وڃو! 12 دِيني ڪمن ۾ به خوب وڌي چڙهي حِصَّو
وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زِندگي سنورجي ويندي، الله پاڪ چاهيو ته دُنيا کان
بي رغبتي جي دولت به ملندي ۽ اَخْلاق ۽ ڪردار به سَنْورجي ويندا. 12 ديني ڪمن مان
هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان به آهي جنهن ۾ درست تجويد ۽ قراءَت سان قرآنِ
ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي.
حديثِ پاڪ ۾ آهي: توهان ۾ بهتر اهو آهي جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري)[1] (٭
قرآنِ مجيد الله پاڪ جو ڪتاب آهي ٭ٻانهن جي
نالي رَبِّ ڪريم جو پيغام آهي ٭پر افسوس! اڄ مسلمان
قرآنِ ڪريم کان ڏاڍو پري ٿيندا پيا وڃن ٭ گهڻن ماڻهن کي مٿان ڏسي به دُرست قرآنِ مجيد پڙهڻ نٿو اچي ٭جيڪي پڙهي وٺن ٿا اهي به تَجْوِيد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪن ٿا، جن
جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي.