Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
اي عاشقانِ رسول! وعدو پورو ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ بلڪه سُنّتِ انبياء آهي ٭اسان جا آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ وعدي جا تمام پَڪا هئا ۽ ٭وعدو ٽوڙڻ کي گهڻو ناپسند فرمائيندا هئا ٭اِعْلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ سڳورن کي عَرْض ڪيو: اوهان ترسو! مان هينئر ٿو اچان، اهو شخص هليو ويو پر واپس اچڻ وساري ويو، 3 ڏينهن کانپوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن هي انهيءَ جاءِ تي پهتو ته هي ڏسي حيران رَهجي ويو ته پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ 3 ڏينهن گذرڻ جي باوُجود اتي ئي تشريف فرما هئا ۽ مَاشَآءَ اللہ! شفقت ۽ رَحْمت ۽ حُسْنِ اَخلاق ڏسو! پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ان کي دڙڪو نه ڏنو ۽ نه ئي جلال فرمايو، بَس ايترو فرمايائون: اي شَخْص! تو مون کي مشقت ۾ وجهي ڇڏيو.)[1]( الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ سرڪار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ تي عمل ڪندي وعدا پُورا ڪرڻ وارو بڻائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم ۔
مختلف سُنّتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد:3 مان حِصّو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو 91 صفحن جو رسالو 550 سُنّتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سُنّتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سُنّتن ڀريو سفر به آهي.
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لیے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون