اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

غالِب اچي وئي، مان تنهنجي نافرماني ۽ سرڪشي ۾ حد کان وڌي ويس، اي مالِڪ! مون کي منهنجي قوم ۾ رُسْوا نه ڪر، بيشڪ تون وڏو ڪرم فرمائڻ وارو آهين.

   فِرْعَون؛ بدبخت جڏهن ائين رَبِّ رحمٰن و رَحِيْم جي حُضُور پنهنجي عاجزي ۽ محتاجي جو اِظْهار ڪيو ته درياءِ ڪرم جوش تي آيو ۽ الله پاڪ درياءِ نيل کي جاري ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.)[1](

   اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! فِرْعَون جهڙو سرڪش ڪافِر جيتوڻيڪ پنهنجي دُنياوي ڪوڙي عزّت بچائڻ لاءِ ئي سهي، جڏهن الله پاڪ جي حُضُور پنهنجي مُحْتاجي ۽ بي وسي جو اِظْهار ڪري، مڃي وٺي ته مولا! تون ئي قُدرتن وارو آهين، مان ته بي وس مُحْتاج ٻانهو آهيان، جڏهن فِرْعَون پناهه گهري ٿو ته الله پاڪ اهڙو ڪَرم فرمائي ٿو، سوچيو اسان ته پوءِ مسلمان آهيون، ان رَبُّ الْعَالَمِیْن جي حُضُور سجدا ڪرڻ وارا، ان جي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙهڻ وارا آهيون، اسان جڏهن پنهنجي مُحْتاجين جو اقرار ڪنداسين، پنهنجي بي وسي جو تَصَوُّر جمائي دِل جي گهرائي سان مڃي وٺنداسين ته مولا! مان مُحْتاج آهيان، تنهنجو ٻانهو آهيان، منهنجي ڪا طاقت ناهي، ڪا قُوَّت ناهي، اي مالِڪِ ڪريم! مان تنهنجي پناهه ۾ اچان ٿو. تڏهن اسان تي ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿي وينديون.

اسان ۽ اسان جي بي وسي

پيارا اسلامي ڀائرو! ٿوري تَوَجُّه ڏيو، اسان واقعي بي وس آهيون. غور فرمايو! ٭ جيڪڏهن زمين ڦاٽي پوي، ڇا اسان ان کي روڪي سگهنداسين؟ نه روڪي سگهنداسين نه. ڪير روڪي سگهي ٿو؟ الله پاڪ. پوءِ ڇو نه الله پاڪ جي پناهه حاصِل ڪجي ٭  آسمان مان تيز برسات وسي، ٻوڏ اچي وڃي، اسان روڪي سگهون ٿا؟ نٿا روڪي سگهون ٭زلزلا اچي وڃن، اسان روڪي سگهون ٿا؟ نه ٭ جهنگلن ۾ هزارين قسم جا جانور آهن، جيڪڏهن


 

 



[1]... حکایتیں و نصیحتیں، صفحہ:373 بتغیر قلیل۔