اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

مدني پنج سُوره مان دُعائون ياد ڪريو!

  جن شين کان پناهه گهرڻ جو مون ذِڪْر ڪيو، انهن مان ڪيترن ئي جو بيان امير اهل سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي  تمام بهترين ڪتاب مدني پنج سُوره ۾ موجود آهي. هي ڪتاب حاصِل ڪريو! اُن ۾ خاص طور جتي دُعائن جو ذِڪْر آهي، انهن کي پڙهو! روزانو جون هي دُعائون ياد ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!    ڏاڍو فائدو حاصِل ٿيندو.

تَصَوُّف جي پهرين ڏاڪڻ

   پيارا اسلامي ڀائرو! ايئن ته اَعُوْذُ بِالله آسان ترين وظيفو آهي، ٿورو ذهن تي زور ڏيو، ننڍپڻ ۾ جڏهن قرآنِ ڪريم پڙهڻ قارِي صاحِب وٽ ويا هئاسين ته هنن سڀ کان پهريان اسان کي اَعُوْذُ بِالله پڙهڻ ئي سيکاريو هوندو پر ٿي سگهي ٿو ته گهڻن کي هن جي معنيٰ ئي معلوم نه هجي، پڙهندا ته آهيون، جڏهن جڏهن تِلاوت جي سَعَادت ملندي آهي، اَعُوْذُ بِالله عمومًا پڙهي ئي ويندي آهي، ان جو ترجمو ڇا آهي؟ ٻڌو! ٭ اَعُوْذُ جو مطلب آهي: مان پناهه ۾ اچان ٿو. ڪنهن جي؟ ٭ بِاللہِ: الله پاڪ جي. ڪهڙي دُشمن کان بچڻ لاءِ؟
٭مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْم: شيطان مَردُود کان.

مشهور مُفَسِّر ِقرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اَعُوْذُ بِالله پڙهڻ ڄڻ ته مَخْلُوق کان خالِق ڏانهن موٽڻ آهي ۽ هي تَصَوُّف جي پهرين ڏاڪڻ آهي.

يعني ٻانهو جڏهن معنيٰ تي نظر رکي دِل جي گواهي سان اَعُوْذُ بِالله پڙهندو آهي ته اهو ڄڻ ته الله پاڪ جي بارگاهه ۾ اِلتجا ڪري رهيو هوندو آهي: يا الله پاڪ! مان تمام ڪمزور ٻانهو آهيان، تو مون کي مٽي مان پيدا فرمايو آهي، يا الله پاڪ! انتهائي سرڪش دُشمن منهنجي پويان لڳل آهي، اي رَبِّ ڪريم! منهنجي اندر مُقابلي جي طاقت ناهي. اي مالِڪِ ڪريم! دُنيا مون