Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
٭ خاص طور ان جون ابتدائي 13 تاريخون جن کي ”تيره تيزي“ چيو ويندو
آهي، انهن تاريخن کي ڏاڍو مَنْحوس سمجهيو ويندو آهي ٭وهمي طبيعت
جي ماڻهن جو اهو ذهن ٺهيل هوندو آهي ته صَفَر جي مهيني ۾ نئون ڪاروبار شروع نه ڪرڻ
گهرجي، نه ته نقصان جو خطرو آهي ٭صَفر المظفر ۾
سَفَر ڪرڻ کان بچڻ گهرجي، حادثو ٿي وڃڻ جو
خطرو آهي ٭هن مهيني ۾ شاديون نه ڪن، ڇوڪرين جي رخصتي نه ڪن، گهر برباد
ٿي وڃڻ جو خدشو آهي ٭ گهڻا وهمي طبيعت جا ماڻهو
ماهِ صفر ۾ وڏو ڪاروبار شروع ناهن ڪندا ٭ ڪاروباري ڏيتي
ليتي ناهن ڪندا ٭گهر کان ٻاهَر اچ وڃ ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏيندا آهن. ڇو...؟ نحوست ٿيندي،
حادثو پيش اچي سگهي ٿو.
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ...!! جڏهن خيال
کي آزاد ڇڏينداسين ته شيطان ائين ئي قبضا ڄمائيندو. حالت ڏسو اوهان...!! انسان هوائي
جهاز تي ويهي هوا ۾ سَفَر ڪري رهيو آهي، ايتري ترقي ڪري ورتي پر دماغ ڏسو! 13 نمبر
کي مَنْحوس سمجهي رهيو آهي.
اڙي ڀاءُ...!! ڪجهه نه ٿيندو. جنهن ڪاري ٻلي جي رستي ڪٽڻ کان ڊڄي رهيو آهين، ان ٻلي جي خالق و مالِڪ الله رَبُّ العِزَّت جي پناهه ۾ اچي وڃ! ويچاري ڪاري ٻلي تنهنجو ڇا بگاڙيندي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سموريون بگڙيون سنورجي وينديون.
حضرت مَڪۡحول رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن چيو: لَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّۃَ اِلّا بِاللہ وَ لَا مَنْجَاَ مِنَ اللہ اِلَّا اِلَیْہِ الله پاڪ ان کان 70 قسم جون تڪليفون دُور فرمائي ڇڏيندو. جن مان سڀ کان گهٽ دَرجي جي تڪليف تنگ دستي آهي. ([1])
خير! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلام جو خلاصو هي آهي ته اسان اِسْتِعَاذَه جي عادَت بڻايون. يعني الله پاڪ جي پناهه گهرندا ڪريون. آسان طريقو هي