اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي مختلف مسجدن ۽ مارڪيٽن ۾ روزانو جي بنياد تي مدرسةُ المدينه بالغان جون ڪلاسون لڳائي قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مَصْرُوف آهي ٭ جن ۾ دُرُست تجويد ۽ قراءت سان قرآن ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي ٭ فرض عُلُوم به ٻڌايا ويندا آهن ٭ سُنّتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن ۽ ٭ ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ جو به موقعو ملندو آهي. اوهان به ان ۾ شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ  برڪتون ملنديون. اچو! ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا.

فيشن پرست جي زندگي  ۾ بهار اچي وئي

زم زم نگر، حيدرآباد (بابُ الاسلام،سنڌ) جي علائقي آفندي ٽاؤن جي مقيم هڪ اسلامي ڀاءَ جي بيان جو خلاصو آهي: آئون هڪ فيشن پرست نوجوان هيس، دُنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي اَنۡجام کان غافل زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو هيس ته منهنجي سُتل قسمت جاڳي پئي، مون کي مَدرَسةُ المدينه (برائي بالغان) جون روحاني فضائون ته ڇا ميسر آيون، منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو۔ مَدرَسَةُ المدينه (برائي بالغان) جي برڪتن منهنجي دل جي اونداهي کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي جي ڏيئي سان مُنوَّر ڪري ڇڏيو۔ ان ۾ مون کي قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽ ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت به نصيب ٿي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه مدرسةُ المدينه  (برائي بالغان) ۾ پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي زندگي ۾ مدني بہار اچي وئي، فيشن پرستي ۽ موج مستي کان نجات حاصل ٿي

ترا شکر مولیٰ دیا دینی ماحول                                نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے                      نہ  چُھوٹے  کبھی  بھی  خدا  دینی ماحول([1])

اَلقُرانُ الڪريم موبائل ايپلي ڪيشن

   اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي به عِلْمِ دين جو


 

 



[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ: 647-648۔