اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

نهايت ئي بدحال ٿي ويو. اسان کي به گهرجي ته اسان اِسْتِعَاذَه (يعني الله پاڪ کان پناهه گهرڻ) جي ڪثرت ڪندا ڪريون. ان جو هڪ آسان طريقو اهو آهي ته ڏينهن ۾ وقتاً فوقتاً اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْم پڙهندا رهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! شيطان خَبِيث کان پناهه ملندي رهندي.

10  ڀيرا اَعُوْذُ بِاللہ پڙهڻ جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه ايڊوانس دَور آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي سيڪيورٽي ٿريڊز (خطرا) هجن يعني جان، مال وغيره جو خطرو هجي ته اهو وڏي رقم خرچ ڪري سيڪيورٽي گارڊز رکندو آهي، ڇو...؟ ته جيئن ڪو ان کي نقصان نه پهچائي سگهي. ڇا خيال آهي؟ هي سيڪيورٽي گارڊ ان کي نقصان کان بچائي سگهن ٿا؟ نه بچائي سگهندا. اِذَا جَاءَ التَّقْدِیْر ُ فَاتَ التَّدْبِیْرُ جڏهن تقدير غالب ايندي آهي ته تدبيرون ڪم ناهن اينديون. پر پوءِ به سيڪيورٽي گارڊز ته رکيا ئي ويندا آهن نه

  اسان مان هر هڪ کي سيڪيورٽي ٿريڊز آهن ۽ ايترا خطرناڪ ٿريڊز جو ان ۾ جان جو نه اِيْمان جو خطرو آهي. دُشْمن اهڙو چالاڪ، چاڪ و چوبند، اهڙي بُڇڙي ترين پلاننگ ڪرڻ وارو آهي جو الله پاڪ جي پناهه...! ۽ اهو دُشمن آهي ڪٿي: اسان جي رڳن ۾ رت وانگر ڊوڙي رهيو آهي. هاڻي ٻڌايو! اهڙي خطرناڪ دُشْمن جي خِلاف اسان کي ڪيتري سيڪيورٽي جي ضرورت آهي. جڏهن جان بچائڻ لاءِ ماڻهو هزارين بلڪه لکين رپيا خرچ ڪري سيڪيورٽي حاصِل ڪري وٺندا آهن ته اسان ايتري خطرناڪ ترين دُشمن کان پنهنجي جان نه بلڪه اِيمان بچائڻ لاءِ سيڪيورٽي  حاصِل ڇو نه  ڪندا آهيون.

  هاڻي اوهان چوندؤ ته هي سيڪيورٽي ڪٿان ملندي؟ ڪيئن ملندي؟ ڪيترو خرچ ٿيندو؟ ڏاڍو آسان طريقو آهي. قربان وڃجي! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جي عِنَايتُن تي، اسان جي حفاظت جو سڄو بندوبست فرمايو اٿن. حديثِ پاڪ ۾ آهي: پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: جيڪو ٻانهو روزانو 10 ڀيرا شيطان مَردُود کان الله پاڪ جي پناهه گهري