اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

پناهه صِرْف هڪ ئي آهي

   سُبْحٰنَ الله! پتو پيو: ٻانهو اهو سمجهي وٺي ته مان بي وَس آهيان، پناهه صِرْف الله پاڪ جي حُضُور مِلندي ته سموريون مشڪلون ٽري سگهن ٿيون. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ ظَنُّوْۤا اَنْ لَّا مَلْجَاَ مِنَ اللّٰهِ اِلَّاۤ اِلَیْهِؕ-ثُمَّ تَابَ عَلَیْهِمْ لِیَتُوْبُوْاؕ-اِنَّ اللّٰهَ هُوَ التَّوَّابُ الرَّحِیْمُ۠(۱۱۸)

(سيپارو: 11، سورت توبھ: 118)

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ انهن يقين ڪري ورتو ته الله جي ناراضگي سان (بچڻ جي لاءِ) ان کان سواءِ ڪا پناھ ناهي ته الله انهن جي توبه قبول ڪئي ته جيئن اهي توبه ڪندا رهن بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان آهي.

 پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: الله پاڪ جي پناهه ۾ اچڻ بغير اسان وٽ ڪو چارو ناهي. تنهنڪري سٺو اهو ئي آهي ته اسان الله پاڪ جي پناهه ۾ اچي وڃون، ان جي حُضُور عرض ڪريون: مولا! مان ڪمزور آهيان، ناتوان آهيان، بي وس آهيان، اي مالڪِ ڪريم! تنهنجو هي ڪمزور ٻانهو تنهنجي حُضُور حاضِر توکان پناهه جو طلبگار، مون کي پناهه نصيب فرمائي ڇڏ.

اَعُوذُ بِالله ۽ آزاد خيالي جو تصَوُّر

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه هڪ نظريو گهڻو عام آهي،ڏاڍا گهڻا ماڻهو ان جا گروِيْدَہ (پوئلڳ) به ٿي ويندا آهن ۽ اهو نظريو آهي آزاد خيالي (Free Will Theory).  اَعُوْذُ بِالله ۾ ان جي به ڪاٽ آهي. اسان جي مرضِي ۽ اسان جو اِرادو جيڪو آهي اهو هڪ خاص حَدْ تائين ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان ان کي آزاد ڇڏي ڏيون، بلڪل آزاد خيال ٿي وڃون ته اسان جي اِرادن، اسان جي سوچن ۽ اسان جي خيالن تي شيطان قبضو جمائي سگهي ٿو. اُن ڪري جڏهن اسان چوندا آهيون: اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ته ان ۾ هڪ هي اقرار به آهي ته اي الله پاڪ! مان پنهنجي ارادن ۽ خيالن کي به تنهنجي سِپُرد ڪريان ٿو ته جيئن شيطان منهنجي خيالن تي قبضو نه جمائي وٺي.