Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
اڄڪلهه ڏسو! دُنيا ترقي ڪري ورتي، خيالن ۽ سوچن کي آزاد ڇڏي ڏنو، بدشگوني ۾ ڦاسي ويا. وڏا وڏا ترقي يافته مُلڪَ آهن، 13 نمبر کان بدشگوني وٺندا آهن، انهن وٽ بلڊنگز ۾ 13 نمبر جي منزل نه هوندي آهي، جهازن ۾ 13 نمبر جي سيٽ نه هوندي آهي
۽ ٻيون به ڪيتريون ئي وَهمي ڳالهيون ماڻهن ٺاهي رکيون آهن، مثلاً ٭صبح صبح ڪنهن انڌي سان ملاقات ٿي وئي ٭ هڪ اک وارو ماڻهو سامهون اچي ويو ٭ڪو منڊو مِلي ويو ٭ ڪارو ڪانوَ يا ٻلي سامهون کان گذري وئي ٭ ڪم تي ويندي وقت رستي ۾ ڪو بُڇڙو آواز ٻڌي ورتو ته بدشگوني ورتي ويندي آهي ته هاڻي منهنجو ڪم نه ٿي سگهندو ٭ ڏينهن کان بدشگوني ورتي ويندي آهي ٭ ايمبولينس جي آواز کان٭ فائر برگيڊ جي آواز کان بدشگوني ورتي ويندي آهي ٭ ڪڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ ستارن جي راند کان پنهنجي زندگي کي غمگين بڻائي ورتو ويندو آهي ٭ڪجھ ماڻهو مهمان جي رخصتي کانپوءِ گهر ۾ ٻهاري ڏيڻ کي مَنْحوس سمجهندا آهن ٭ سڌي اک ڦڙڪي ته يقين ڪيو ويندو آهي ته ڪا مصيبت ايندي ٭ عيد جمعي جي ڏينهن ٿي وڃي ته ان کي موجوده حڪومت تي ڳَرو سمجهندا آهن ٭ٻلي جي روئڻ جي آواز کي مَنْحوس سمجهيو ويندو آهي ٭ڪُڪڙُ ڏينهن جي وقت اذان ڏئي ته بدفالي ۾ مُبتَلا ٿي ويندا آهن ايستائين جو ان کي ذَبح ڪري ڇڏيندا آهن ٭دُڪان تان پهريون گراهڪ سودو وٺڻ بغير هليو وڃي ته دڪاندار ان کان بدشگوني وٺندو آهي ٭نئين ڪنوار گهر اچڻ تي گهر ۾ ڪو بُڇڙو واقعو ٿي وڃي ته ان ڪنوار کي مَنْحوس سمجهيو ويندو آهي ٭ جواني ۾ بيواهه ٿي وڃڻ واري عورت کي مَنْحوس سمجهيو ويندو آهي ٭ خالي قينچي هلائڻ کي مَنْحوس سمجهيو ويندو آهي ٭ سج گرهڻ جي وقت حامله عورت ڇري سان ڪا شيءِ نه ڪَٽي ٻار پيدا ته ٿيندو پر ان جو هٿ يا پير ڪٽيل هوندو٭ گهڻا وَهمي طبيعت جا ماڻهو صَفَر جي مهيني کي مصيبتن، آفتن جو مهينو سمجهندا آهن