اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

مون منهن ڦيرائي ڏٺو، اتي ڪو به نه هو. مون کي ٿورو خوف آيو ته سلام ڪنهن ڪيو آهي. ايتري ۾ آواز آيو: ڊڄو نه، مان مسلمان جِنّ آهيان. هڪ سُوال پڇڻ لاءِ حاضِر ٿيو آهيان. فرمايائون: پڇ ڇا پڇڻو اٿئي. جِنّ چيو: مان شيطان جي مَجلس ۾ هيس، شيطان پنهنجي لشڪر جو جائزو وٺي رهيو هو. ايتري ۾ اتي هڪ شيطاني چيلو آندو ويو، ان جو رنگ تمام ڪارو ٿي ويو هو، حَالت به تمام گهڻي خراب هيس، شيطانن ۾ ان کان خراب حال وارو ڪو به نه هو. شيطان ان کان پڇيو: تنهنجو هي حال ڪنهن ڪيو آهي؟ ۽ جنهن شخص تي مون توکي مسلّط ڪيو هو، ان جو ڇا ٿيو...؟ اهو چيلو چوڻ لڳو: ان شخص کي مان قابو نه ڪري سگهيس. شيطان رڙ ڪئي:  تون تباھ ٿئين، ڇو قابو نه ڪري سگهينس. چيلي چيو: اهو شخص ڪجهه ڪلما پڙهندو آهي. شيطان پڇيو: ان جو نالو ٻڌاءِ! چيلي چيو: زبير بن عوّام. هاڻي اهو مسلمان جِنّ جيڪو حضرت زبير بن عوّام رَضِيَ اللهُ عَنْه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيو هو، چوڻ لڳو: عالي جاه...! اهي ڪهڙا ڪلمات آهن جيڪي اوهان پڙهندا آهيو، مون کي به سيکاري ڇڏيو! فرمايائون: مان جڏهن صبح جو اٿندو آهيان ته چوندو آهيان:

اَعُوذُ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيْطَانِ الرَّجِيمِ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ الْـحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي عَافَانِي فِي بَدَنِي، وَرَدَّ رُوحِي فِي جَسَدِي،اٰمَنْتُ بِاللَّهِ الْعَظِيمِ، وَاسْتَمْسَكْتُ بِالْعُرْوَةِ الْوُثْقَى، لَا انْفِصَامَ لَهَا، وَاللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ

 (سلوةُ العارفين، ج، 1، ص، 125)

 ترجمو:  مان الله جي پناهه گهران ٿو شيطان مردود کان. الله جي نالي سان شروع جيڪو نهايت مهربان، رحم ڪرڻ وارو آهي. سڀئي تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن، جنهن منهنجي جسم ۾ عافيت ڏني، ۽ منهنجي روح کي منهنجي جسم ۾ واپس موٽايو. مان شان ۽ عظمت واري الله تي ايمان آندو ۽ مَضْبُوط ڪَڙي (يعني دين اسلام) کي مضبوطي سان جهلي ورتو، جيڪو ڪڏهن به نه ٽٽندو، ۽ الله خوب ٻڌڻ وارو، ڄاڻڻ وارو آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! اَعُوْذُ بِالله پڙهڻ جون ڪيتريون برڪتون آهن. شيطان جو چيلو جيڪو حضرت زبير بن عوّام رَضِيَ اللهُ عَنْه سان گڏ هو، پاڻ جيئن ته الله پاڪ جي پناهه گهرندا هئا، تنهنڪري اهو خَبِيث تمام ڪارو ٿي