Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
وہ جس رَہ سے گُزرتے ہیں، بَسی رہتی ہے مُدَّت تک
نصیب اُس گھر کے جس گھر میں وہ ٹھہریں مِیہماں ہو کر([1])
وضاحت: پيارا آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جنهن رستي تان لنگهندا آهن، اهو وڏي عرصي تائين خوشبودار رهندو آهي، الله اڪبر! اهو گهر ڪيترو نه خوش نصيب آهي جو جنهن گهر ۾ پاڻ سڳورا جلوه فرما ٿيندا آهن.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[2](
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! ٭الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس ٭ بَاادب ويهندس ٭خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس ٭جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
صحابيءِ رسول حضرت ابوسعيد خُدْري رَضِيَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون ابليس (يعني شيطان ملعون) کي ڏٺو، مان ڏنڊو کڻي ان ڏانهن وڌيس ته جيئن ان کي مار ڏيان. شيطان چيو: اي ابوسعيد...! ڇا اوهان نٿا ڄاڻو ته مان لٺ يا ڪنهن به دُنياوي هٿيار کان ناهيان ڊڄندو. مون چيو: اي ملعون...! پوءِ تون ڪهڙي شيءَ کان ڊڄندو آهين؟ چيائين: 2 شين کان ڊڄندو آهيان: (1): اِسْتِعَاذَه (يعني الله پاڪ جي پناهه گهرڻ، مثال طور اَعُوْذُ بِالله پڙهڻ) کان (2): صِديقين جي نُورِ مَعرِفَت کان. (سلوة العارفين،ج:۱، ص:۱۲۴)