اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

صحابي جي نگاههِ  جو ڪمال

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان افروز واقعي جي روشني ۾ صحابيءِ رسول جي نگاهن جو ڪمال ڏسو! شيطان عام اک سان نظر ناهي ايندو. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّہٗ یَرٰىکُمۡ ہُوَ وَ قَبِیۡلُہٗ مِنۡ حَیۡثُ لَا تَرَوۡنَہُمۡ ؕ(سيپارو: سورت اعراف: 26)     ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ اهو پاڻ ۽ ان جو قبيلو توهان کي اتان کان ڏسن ٿا جتان کان توهان انهن کي نٿا ڏسو.

 معلوم ٿيو: اسان جهڙا عام ماڻهو شيطان کي ڏسي ناهن سگهندا پر صحابيءِ رسول جي نگاهن جو ڪمال ڏسو! جنهن کي ڪو به ناهي ڏسي سگهندو، صحابيءِ رسول ان کي ڏسي به رهيا آهن، ان کي مار ڏيڻ لاءِ ڏنڊو کڻي اڳتي وڌي به رهيا آهن ۽ ان سان ڳالهائي به رهيا آهن. سُبْحٰنَ الله!

یہ شان ہے خِدْمت گاروں کی سرکار کا عالَم کیا ہو گا

 جڏهن حالتِ ايمان ۾ چهرهءِ مصطفيٰ جي زيارت ڪندڙن جي هيءَ شان آهي جو هو ڏسي سگهن ٿا، جنهن کي ڪو به نٿو ڏسي سگهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جي نگاههِ پاڪ جي شان ڪهڙي هوندي...؟ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:

سرِ عرش پر ہے تری گزر، دِلِ فرش پر ہے تری نظر

ملکوت و مُلْک میں کوئی شَے، نہیں وہ جو تجھ پہ عیاں نہیں

 وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جو شان ته هي آهي جو عرشِ اعظم جي سير فرمائيندا آهيو ايتري بلندين جي باوجود به اسان غلامن جي دلين تي پنهنجي نظر رکندا آهيو، الله پاڪ جي ڪائنات ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ناهي جيڪا اوهان کان لڪيل رهي هجي.

اچو! محبتِ صحابه ۾ جهومي جهومي نعرا هڻون ٿا: