اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

کي پنهنجي طرف ڇڪي رهي آهي، نفس خواهشن تي اڀاري رهيو آهي، شيطان اِيْمان کسڻ ۾ لڳل آهي، اي الله پاڪ! مان نه هلي سگهان ٿو، مان مُقابلو نٿو ڪري سگهان، مان ڪمزور آهيان. اي مالِڪِ ڪريم! مون کي پنهنجي پناهه ۾ وٺي ڇڏ، تون ئي آهين، توکان سواءِ ڪا پناه گاهه ناهي.

اوهان اندازو لڳايو! هي ڪيتري خوبصُورت سوچ آهي، اَعُوْذُ بِالله جي ذريعي ٻانهو پنهنجي ڪمزوري جو اِقْرار به ڪري رهيو آهي، الله پاڪ جي قُدرتن تي يقين به ٻڌائي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ شيطان سان اِنتہائي نفرت کي به ظَاهِر ڪري رهيو آهي. اهي ئي 3 شيون جيڪڏهن حقيقتاً اسان کي مُيسر اچي وڃن، يعني (1): انسان کي پنهنجي ڪمزوري معلوم ٿي وڃي (2): الله پاڪ جي قدرتن تي يقين ويهي وڃي (3): شيطان مَردُود سان صحيح معنيٰ ۾ نفرت ٿي وڃي ته يقين مڃو! اسان جي زندگي سَنْورجي سگهي ٿي.

فِرْعَون جو سبق آموز واقعو

فِرْعَوْن: اهو سرڪش ڪافِر جنهن خُدائي جي دعويٰ ڪري رکي هئي. مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب: حڪايتون ۽ نصيحتون، صفحي: 373 تي آهي: هڪ ڀيري ائين ٿيو جو درياءِ نيل جو پاڻي تمام گهڻو گهٽجي ويو، فصلن کي پاڻي نه مِليو، قحط سالي ٿي وئي، ماڻهو بُک ۽ اُڃ کان بي حال ٿي ويا، آخر سڀ مِلي ڪري فِرْعَوْن وٽ آيا ۽ چيائون: اي فِرْعَوْن! اسان جا اَهْل و عيال، مال مويشي سڀ هلاڪ ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن تون واقعي خُدا آهين ته درياءِ نيل کي جاري ڪري ڇڏ. هاڻي فِرْعَوْن ڄاڻندو ته هو ته مان خُدا ناهيان، اهو به ڄاڻندو هو ته مان درياهه کي جاري نٿو ڪري سگهان پر هاڻي ڪجهه ته ڪرڻو هو، نه ته جيڪو ڍونگ  هن رچايو هو، ان جو ڪوڙ ظاهر ٿي پوي ها. تنهنڪري فِرْعَوْن ان جو هڪ حل سوچيو، هن اُوني لباس، وارن مان ٺهيل ٽوپي ۽ خاڪ سان ڀريل هڪ ٿيلهي کنئي ۽ بلڪل اڪيلو هڪ وِيران جزيري ڏانهن هليو ويو، اتي وڃي هن شاهِي لباس لاهي، اُوني لباس پهريو، مٿي تي وارن جي ٺهيل ٽوپي پاتي ۽ خاڪ کي زمين تي پکيڙي ان تي اُٿلڻ پُٿلڻ لڳو، هن روئيندي سر سجدي ۾ رکي عرض ڪيو: اي منهنجا خالِق و مالِڪ! مان ڄاڻان ٿو ته تون ئي زمين ۽ آسمان جو مالِڪ آهين پر مون تي بدبختي