اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

اهي جانور شهرن جو رُخ ڪن، ڇا اسان انهن کي روڪي سگهنداسين؟ نه روڪي سگهنداسين ٭ اڇا جهنگل به ٿورو پري جي ڳالهه ٿي وئي، اسان جي گهرن اندر ڪيترا ئي زهريلا جانور موجود هوندا آهن، سانڍي  عام ڏسڻ ۾ ايندي آهي، گهرن ۾ آزاد گهمي رهي هوندي آهي. سياري ۾ نه ڄاڻ ڪٿي گم ٿي ويندو آهي، اونهاري ۾ خبر ناهي ڪٿان نڪري ايندي آهي. اهي ئي سانڍيون جيڪڏهن سڀئي نڪري اچن، ڇا اسان انهن کي روڪي سگهنداسين؟ نه روڪي سگهنداسين، جيئڻ ڏکيو ٿي ويندو. ۽ ڪيترا ئي اهڙا مُعَاملا آهن، جيڪي اسان جي اِخْتيار ۾ ئي ناهن. الله پاڪ جي اِخْتيار ۾ ته سڀ ڪجهه ئي آهي. جڏهن اسان بي وس آهيون، الله پاڪ سڀ قدرتن وارو آهي پوءِ ڇو نه اسان پنهنجي بي وسي جو اِقْرار ڪريون، اهو تَسْليم ڪري وٺون ته پناهه مِلندي ته صِرْف الله پاڪ جي حُضُور ملندي ۽ الله پاڪ جي پناهه گهرڻ وارا بڻجي وڃون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وارا نيارا ٿي ويندا.

اُسْتاد جي بهترين نصيحت

   هڪ بزرگ هئا، انهن پنهنجي شاگِرد کان پڇيو: پٽ...! فرض ڪر! تون ڪٿان لنگهي رهيو آهين، هڪ ڪُتو توتي ڀونڪڻ لڳو. هاڻي ڇا ڪندين؟ چيائين: مان ان کي پري ڀڄائيندس. استاد صاحِب فرمايو: پٽ! ائين ته تون اتي ئي بيٺو رهجي ويندين ڇو ته تون ڪُتي کي ڀڄائيندو رهندين، اهو ڀونڪندو رهندو. جيڪڏهن تون ڪُتي جي مالِڪ کان مدد گهرين ته اهو ڪُتي کي پري هٽائي ڇڏيندو، تون آرام سان لنگهي ويندين، ائين ڪُتي کان به بچت ٿيندي ۽ وقت به بچي ويندو.)[1](

ڪيترو آسان طريقو آهي نه...! مالِڪ جي پناهه ۾ اچي وڃو! سڀ مشڪلاتون حل ٿي وينديون.

قومِ يُونُس جي ڪمال حڪمتِ عملي

قرآنِ ڪريم ۾ خوبصُورت واقعو بيان ٿيو آهي. حضرت يونُس عَلَيهِ السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن، پاڻ جنهن قوم ڏانهن نبي بڻائي موڪليا ويا، اهي ماڻهو


 

 



[1]...  تفسیر قرطبی،پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:200، جلد:4، صفحہ:210۔