Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
(1) هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون
جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ
حضرتِ سَيِّدُنا ابنِ
عباس رَضِى اللهُ عَنْھُمَا کان رِوايت آهي ته
سرڪارِ مدينه
صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن
فرمايو: هي درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون
لکندا آهن. )[1](
(2) ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي
لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ الْحَلِیْمُ الْکَرِیْمُ، سُبْحٰنَ اللّٰہِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِیْم
(خداءِ حليم و ڪريم کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ناهي، الله عَزَّوَجَلَّ پاڪ آهي جيڪو ستن آسمانن ۽ عرشِ عظيم جو پروردگار آهي)
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ : جنهن هن دُعا کي ٽي ڀيرا پڙهيو ڄڻ ان شبِ قدر کي حاصل ڪري ورتو. )[2](
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد