Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
جي اَمڙ آهي، پاڻ الله پاڪ جي پناهه گهري، اِئين ئي ٻيا انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام به الله پاڪ جي پناهه گهرندا هئا ۽ اسان جا آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ...! پاڻ کي حڪم ٿيو:
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِۙ(۱) (سيپارو: 30، سورت فلق: 1)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اوهان فرمايو: مان صبح جي ربّ جي پناھ وٺان ٿو.
وڌيڪ حڪم ٿيو:
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِۙ(۱) (سيپارو: 30، سورت ناس: 1)
ترجموڪنزُالعرفان: اوهان چئو: مان سمورن ماڻهن جي رب جي پناھ وٺان ٿو.
آخري 2 سُورتن ۾ ايمان افروز نڪتو
هي قرآنِ ڪريم جون آخري 2 سُورتون آهن: سُوره فَلق ۽ سُورت وَالنّاس. هنن ٻنهي کي مُعَوَّذَتَیْن چوندا آهن يعني اهي 2 سُورتون جن ۾ الله پاڪ جي پناهه گهرڻ جي تعليم ڏني وئي آهي. هتي هڪ نهايت خوبصُورت نڪتو عُلَماءِ ڪرام بيان فرمايو آهي: قرآنِ ڪريم جي ابتدا ٿي سُورت فَاتِحَہ سان، اِختتام ٿيو مُعَوَّذَتَیْن تي. هنن جو پاڻ ۾ ڏاڍو گهرو تَعَلُّق آهي. سُورت فَاتِحَہ جي مرڪزي تعليم مُراقبو آهي يعني سُورت فَاتِحَہ ۾ اسان کي سيکاريو ويو ته اي ٻانهو...! پنهنجي باطِن کي پاڪ صاف ڪري، الله پاڪ جي ياد وَسائي وٺو، صِرْف ۽ صِرْف الله پاڪ جا ٿي وڃو! پوءِ پُوري قرآنِ ڪريم ۾ اُن جا طريقا ٻڌايا ويا، اُن راهه جون مشڪلاتون ٻڌايون ويون، پوئين قومن جا واقعا ٻڌايا ويا.
ٻانهو پريشان ٿي وڃي ته اي الله پاڪ! تنهنجي قُرْب حاصل ڪرڻ جو رستو ته ڏاڍو مشڪل آهي، ڪيئن پهچنداسين؟ آخِر ۾ اچي فرمايو:
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِۙ(۱) (سيپارو: 30، سورت ناس: 1)
ترجموڪنزُالعرفان: اوهان چئو: مان سمورن ماڻهن جي رب جي پناھ وٺان ٿو.