Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail
اوهان هنن کي انسان سمجهو ٿا؟ جيڪڏهن هي انسان هجن ها ته منهنجي چنبي ۾ ڇو ڦاسن ها؟ مون چيو: تنهنجي ويجهو حقيقي انسان ڪير آهي؟ چيائين: شيراز جي جامع مسجد ۾ 3 ماڻهو آهن، انهن منهنجو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، مون کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.
شيخ جنيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي اک کلي، مان شيراز جي جامع مسجد ۾ پهتس. اتي واقعي 3 بزرگ موجود هئا. انهن مون کي ڏسي فرمايو: جنيد...! هر ڪنهن جي ڳالهه تي يقين ڪري وٺي ٿو؟ فرمائن ٿا: مان ويهي رهيس. انهن بزرگن فرمايو: جنيد! ڄاڻي وٺ! جنهن شيطان مَردُود کان الله پاڪ جي پناهه گهري، اهو مَضْبُوط دِين تي قائم ٿي ويو. وڌيڪ فرمايائون: ياد رک...! شيطان دين جي راهه جو ڌاڙيل آهي. جڏهن تون الله پاڪ جي پناهه گهرندين ته اهو توکان پري ڀڄي ويندو ۽ ڌاڙو نه هڻي سگهندو.([1])
سُبْحٰنَ الله! معلوم ٿيو؛ شيطان دين جي راهه جو خطرناڪ ترين ڌاڙيل آهي، اُن کان بچڻو آهي ته الله پاڪ جي پناهه ۾ اچڻو پوندو، اهو ئي قُدرتن وارو رَبِّ ڪريم آهي جيڪو اسان کي اُن مَردُود کان بچائي سگهي ٿو. جڏهن اسان الله پاڪ جي پناهه ۾ ايندا آهيون، پوءِ شيطان جو ڪهڙو حال ٿيندو آهي، اهو به ٻڌي وٺو!
حضرت زُبَير بن عَوَّام رَضِيَ اللهُ عَنْه صحابيءِ رسول آهن، مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صِدِّيق رَضِيَ اللهُ عَنْه جا نياڻا آهن، تمام اوچي رُتبي واري هستي آهن، سندن شُمار به عَشره مُبَشَّره ۾ ٿئي ٿو. عَشره مُبَشَّره انهن 10 صحابن کي چوندا آهن، جن کي حُضُورِ اڪرم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جنّت جي خوشخبري ٻڌائي. ايئن ته سڀ صحابه ئي جنّتي آهن پر انهن 10 کي جنّت جي خوشخبري ملڻ، انهن جي خصوصي شان آهي. خير! حضرت زُبير بن عَوَّام رَضِيَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان مسجدِ نبوي شريف ۾ ويٺو الله پاڪ جو ذِڪْر ڪري رهيو هيس، اوچتو منهنجي ساڄي ڪن ۾ آواز آيو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہٗ!