Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

نعت سُنتا رہوں، نعت کہتا رہوں                                                                      آنکھ پُر نَم رہے، دِل مچلتا رہے

نجمؔ نامِ مُحَمَّد زباں پر رہے                                                                                                ذِکْر ہوتا رہے، سانس چلتی رہے

 

آسماني ڪتابن ۾ نعت مصطفيٰ

  پيارا اسلامي ڀائرو! اهل ڪتاب کي حڪم ڏنو ويو ته اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نعتن جو چرچو ڪيو! انهن مان جيڪي غير مسلم رهيا، انهن کي اها سعادت حاصل نه ٿي، اچو! اڄ اسان هي سعادت حاصل ڪيون ٿا. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اوصاف ۽ ڪمال جيڪي گذريل ڪتابن ۾ بيان ٿيا هئا، انهن کي مڪمل طور تي ته بيان نٿو ڪري سگهجي ڇوته اسان وٽ اها زبان به ناهي جو ذڪر مصطفيٰ جو حق ادا ڪري سگهي، اسان وٽ ايترو علم به ناهي جو مڪمل طور تي ذڪر مصطفيٰ کي ڄاڻي سگهون، سچي ڳالھ اها آهي ته اسان وٽ ايتري ڊگهي عمر به ناهي، هي بلڪل صحيح، سچ آهي ته پاڻ  ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪامل ذڪر ته پري جي ڳالھ، صرف هڪ وصف مبارڪ جو مڪمل بيان ڪرڻ جي لاءِ هزارين سال زندگي به هجي ته گهٽ آهي.

زندگیاں ختم ہوئیں اور  قلم ٹوٹ گئے                                                                   تیرے اَوْصاف کا اک باب بھی پُورا نہ ہوا

مطلب ته: اسان مڪمل طور تي مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو ذڪر نٿا ڪري سگهون، اچو! برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ  مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون گذريل ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل ڪي صفتون ۽ ڪمال ٻڌون ٿا.

هڪ اهم وضاحت

خيال رهي! گذريل ڪتابن ۾ ماڻهن پنهنجي مرضي جي مطابق تحريف(يعني تبديلي) ڪري ڇڏي هئي، انهن مان ذڪرمصطفيٰ کي لڪائڻ ۽ مٽائڻ جون گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون پر الحمدلله! هاڻ به انهن ڪتابن ۾ ذڪر مصطفيٰ موجود آهي.