Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

انڪار ڪندي مون وٽ ايندو، مان ان کي جهنم ۾ وجهندس. حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي الله پاڪ! احمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪير آهن؟ ربّ العالمين فرمايو: هي اهي ئي آهن جن کان وڌيڪ مون وٽ ڪوبه عزت وارو نه آهي، زمين ۽ آسمان جي تخليق کان پهريان مون پنهنجي نالي سان گڏ انهن جو نالو عرش تي لکيو. (اَلسُّنْۃُ لِاِبْنِ اَبِیْ عَاصِم، بَابُ نسبۃ الرب تبارك وتعالَیٰ ،صفحہ:305-306،حدیث:696ملتقطًا۔)

یہ انبیا ورسل کس کے انتظار میں ہیں                                                                                  یہ آج لات وہبل کس کے انکسار میں ہیں([1])

پياري آقا جا وڌيڪ پيارا پيارا نالا

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نبي حضرت شيث عَلَيۡهِ السَّلَام تي جيڪي صحيفا نازل ٿيا، اُنهن ۾ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو نالو مبارڪ آخَرُ مَاخ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: صَحَیْحُ الْاِسْلَام (يعني سڌي دين وارو نبي) * اهڙي طرح گذريل آسماني ڪتابن ۾ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ نالو مبارڪ اِکْلِیْل به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: تاج. يعني تاجُ الْاَنْبِیاء جيئن تاج سڄي مٿي کي ڍڪي ڇڏيندو آهي، ايئن ئي حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نبوت سڄي مخلوق کي گهيري ورتو آهي، ڇوته حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نبين جا به نبي آهن، ملائڪن جا نبي آهن، جنن جا به نبي آهن، انسانن جا به نبي آهن، مطلب ته: الله کان سواءِ جيڪو ڪجھ موجود آهي، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر مخلوق جا، هر جهان جا نبي آهن. * انجيل شريف ۾ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ مشهور نالو:”فَارْقَلِیْط“ به آيو آهي: جنهن جي معنيٰ آهي: رُوحُ القُدس (يعني پاڪ روح) * حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ مبارڪ نالو: جَبَّار به آيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: اُمَّت جي اصلاح ڪرڻ وارو، هدايت جي راھ ڏيکارڻ وارو، خدا جي دشمنن تي قهر فرمائڻ وارو، تمام انسانن تي فضيلت رکڻ وارو نبي.


 

 



[1]... سامان بخشش، صفحہ:135۔