Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
حَیّ بَاقِی جس کی کرتا ہے ثنا
مرتے دَم تک اس کی مِدْحت کیجئے!
جس کا حُسْن اللہ کو بھی بھا گیا
ایسے پیارے سے محبّت کیجئے!([1])
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
ايمان کان روڪڻ واري باطني بيماري
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي ضمني طور تي هڪ ڳالھ سمجهي وٺون ٿا، ٿي سگهي ٿو اوهان جي ذهن ۾ سوال اچي رهيو هجي ته جڏهن گذريل ڪتابن ۾ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ايترو تفصيل سان ذڪر موجود هيو ته پوءِ اهل ڪتاب پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسندي ئي ايمان ڇونه آندو....؟ جڏهن هُو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ڄاڻيندا به هئا، سُڃاڻيندا به هئا، انهن کي خبر به هئي ته پاڻ سڳورا ئي آخري نبي آهن ته کين گهرجي ها ته ڏسندي ئي يڪدم ڪلمو پڙهي وٺن ها؟ آخر انهن ايمان قبول ڇونه ڪيو؟ ان جو جواب الله پاڪ قرآن مجيد ۾ ٻڌايو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
بِئۡسَمَا اشۡتَرَوۡا بِہٖۤ اَنۡفُسَہُمۡ اَنۡ یَّکۡفُرُوۡا بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ بَغۡیًا اَنۡ یُّنَزِّلَ اللّٰہُ مِنۡ فَضۡلِہٖ عَلٰی مَنۡ یَّشَآءُ مِنۡ عِبَادِہٖ ۚ فَبَآءُوۡ بِغَضَبٍ عَلٰی غَضَبٍ ؕ
ترجموڪنزالعرفان: ان حسد جي ڪري جو الله پنهنجي فضل سان پنهنجي جنهن ٻانهي تي چاهيندو آهي وحي نازل فرمائيندو آهي.
تفسيرنور العرفان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: بني اسرائيل کي حسد ٿيو ته ختم نُبُوّت جي نعمت حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڇو ملي، ڪنهن اسرائيلي