Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي سڃاڻين ٿا؟ ڪيترو سڃاڻين ٿا؟ ڪيئن سڃاڻين ٿا؟ فرمايائون: جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻيندا آهن جو ٻار جيڪڏهن هزار ٻارن ۾ به بيٺو هجي ته سڃاڻي وٺندا ته منهنجو پٽ اهو ئي آهي * ڪڏهن ڪنهن به وقت شڪ ناهن ڪندا ته شايد هي منهنجو پٽ نه هجي * پري کان ان جو آواز ٻڌي ڪري * چال چلت ڏسي ڪري به سڃاڻي وٺندا آهن ته هي منهنجي پٽ جو آواز آهي، هي منهنجي پٽ جي هلڻ جو انداز آهي، ايئن هي اهل ڪتاب پياري آقا، رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي  به سندن مبارڪ صورت سان، سندن چال چلت سان، سندن گفتگو جي انداز سان بلڪ هر هر ادا سان سڃاڻيندا آهن.

 (تفسیر نعیمی،پارہ:2،البقرہ،زیرِ آیت:146،جلد:2 ،صفحہ:44 بتغیر قلیل)    

حضرت عبدالله بن سلام رَضِیَ اللهُ عَنْهُ  جي گواهي

روايتن ۾ آهي: اهل ڪتاب جي وڏي عالم عبدلله بن سلام رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جڏهن ايمان قبول ڪيو ته حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهُ ان کان پڇيو: هن آيت ۾ جيڪو ٻڌايو ويو ته اهل ڪتاب محبوبِ ربّ، سردار عرب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي سڃاڻين ٿا، هن معرفت(يعني سڃاڻڻ) جو ڇا مطلب آهي؟ حضرت عبدلله بن سلام رَضِیَ اللهُ عَنْهُ چيو: اي عمر (رَضِیَ اللهُ عَنْهُ ) مون حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمکي ڏٺو ته بنا ڪنهن شڪ جي هڪدم سڃاڻي ورتو ۽ منهنجو حضُور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي سڃاڻڻ پنهنجي پٽن کي سڃاڻڻ کان به وڌيڪ ڪامل هو. حضرت فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهُ پڇيو اهو ڪيئن؟ چيائين: نبين جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون صفتون الله پاڪ اسان جي ڪتاب تورات ۾   بيان ڪيون آهن (ان ڪري مان پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي يقين سان سڃاڻان ٿو) جڏهن ته پٽ کي پٽ سمجهڻ ته صرف عورتن جي چوڻ سان آهي. حضرت فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جڏهن اها ڳالھ ٻُڌي ته حضرت عبدلله بن سلام رَضِیَ اللهُ عَنْهُ  جي پيشاني کي پيار مان چمي ورتو.(تفسیرِ خازن،پارہ:2 ،البقرہ،زیرِ آیت:146،جلد:1،صفحہ:90ملتقطًا)