Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
* گُذريل ڪتابن ۾ سندن هڪ نالو آهي: اَجِيۡر (يعني اُمّت کي جهنم کان بچائيندڙ) * تورات شريف ۾ سندن هڪ نالو آحِيۡدُ آهي هن جي معنيٰ به ساڳي ئي آهي: اُمت کي جهنم کان بچائيندڙ. (حُجَّۃُ اللہ عَلیٰ الْعَالَمِیْن،المبحث الرابع،الباب الاول،الاسماء النبویہ...الخ،صفحہ:87۔)
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان شفاعت جو عقيدو به معلوم ٿيو. الله پاڪ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو:
وَ لَسَوۡفَ یُعۡطِیۡکَ رَبُّکَ فَتَرۡضٰی ؕ(۵)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ قريب آهي ته اوهان جو ربّ اوهان کي ايترو ڏيندو جو اوهان راضي ٿي ويندا. (پارہ:30، الضحی :5)
مسلمانن جا ڇوٿان خليفه حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن هي آيت نازل ٿي ته شفاعت فرمائڻ واري نبي، اُمّت کي بخشرائڻ واري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: إذًا لَا أَرْضٰی وَوَاحِدٌ مِنْ أُمَّتِيْ فِي النَّار يعني جيڪڏهن ايئن آهي، ته پوءِ جيستائين منهنجو هڪ اُمّتي به دوزخ ۾ ڏٺو ويو مان راضي ئي نه ٿيندس. (تفسیر کبیر،پارہ:30،الضحیٰ،زیرِ آیت:5 ،جلد:11 ،صفحہ:194 ملتقطًا۔)
مُسند امام احمد جي روايت ۾ آهي: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: أَشْفَعَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ عَدَدَ مَا عَلَى الْأَرْضِ مِنْ شَجَرَةٍ، وَمَدَرَة يعني مان قيامت جي ڏينهن ان کان به وڌيڪ ماڻهن جي شفاعت ڪندس جيترا زمين ۾ وڻ ۽ ڀتر آهن. (مسندِ امام احمد،جلد:9،صفحہ:400،حدیث:23589 ۔)
تورات ۽ انجيل شريف ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا 2 نالا مبارڪ آهن (1) اَخْرَابَا (يعني اَوَّل نبي) (2) قَدْمَابَا (يعني آخري نبي). حضرت مُصعب بن سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ