Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

کان بعد جي دُعا، کير پيئڻ جي دُعا، سمهڻ وقت جي دُعا وغيره لفظ جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * ۽ مختلف موضوعن تي سنتون ۽ آداب مثال طور کاڌو کائڻ جون سنتون ۽ آداب، سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب، پاڻي پيئڻ جون سنتون ۽ آداب وغيره۔ اوهان به پنهنجي موبائل ۾ اها ايپليڪيشن انسٽال ڪري فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

وعدي جي پابندي سُنت آهي

   ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ:(1): جيڪو وعدو پُورو نٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان ناهي۔ (مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب: الايمان، جلد:7صفحہ:223) (2):جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ سان وعدو خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي۔ (بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179)

اي عاشقانِ رسول! وعدو پورو ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ بلڪ سُنّتِ انبياء آهي۔ * اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وعدي جا گھڻا پَڪا هئا ۽ * وعدو ٽوڙڻ کي تمام ناپسند ڪندا هئا۔ * اِعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو مان اجھو ٿو موٽان، اهو شخص هليو ويو پر واپس اچڻ وسري ويس، ٽن ڏينهن کان پوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن اهو


 

 



[1] مشڪوٰة الصابيح،ڪتاب الايمان،باب الاعتصام بالڪتاب والسنة ،الفصل الثاني،1/55،حديث:175