Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
هن مان حسد جي تباھ ڪاري جو اندازو لڳايو! مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت مان مليل مدني گلن جي حوالي سان فرمائن ٿا: * حسد اهڙي بُري بلا آهي جيڪا پاڻ حسد ڪرڻ واري کي کائي ڇڏي ٿي. * جنهن کان حسد ڪيو وڃي ان جو ڪجھ ناهي بگاڙيندي. * ان سان حسد ڪرڻ واري جي صحت خراب، ايمان برباد ۽ دل ڪاري ٿي ويندي آهي ڇوته محسود ته آرام سان ستو پيو هوندو آهي جڏهن ته هي حسد جي باھ ۾ سڙي پنهنجو عيش ۽ آرام خراب ڪري رهيو هوندو آهي ۽ رت جي ڳوڙهن سان منهن ڌوئيندو آهي. * حاسد ڪابه ترقي ناهي ڪري سگهندو ڇوته ان کي ساڙ کان واندڪائي ناهي ملندي جو هُو ترقي جي باري ۾ سوچي. (تفسیرنعیمی، پارہ:1، البقرۃ، زیر آیت:90، جلد:1، صفحہ:549 ملتقطًا)
مولانا روم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڏسو! حسد جي ڪري ابليس آدم جي سجدي کان شرم محسوس ڪيو ۽ هميشه جي لاءِ سعادت ۽ ڪاميابي کان محروم ٿي ويو. هن مان معلوم ٿيو ته جڏهن توهان دل جي صاف ماڻهن سان حسد ڪندؤ ته توهان جي دل ۾ ڪاراڻ پيدا ٿيندي. تنهنڪري الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي قرب جي خاڪ بڻجو، اسان وانگر حسد ڪرڻ ڇڏي ڏيو....!!
(مثنوی معنوی، دفتر اول، قصہ دیدن خلیفہ لیلی را، صفحہ:19)
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
نعت مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نه لڪايو
پيارا اسلامي ڀائرو! اڳين ڪتابن ۾ حضُور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر چڱي طرح ڪيو ويو، ان سان گڏو گڏ اهل ڪتاب کي هي حڪم به ڏنو ويو هو ته توهان اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هي ذڪر ڪڏهن به نه لڪائجو بلڪ ان جو خوب چرچو ڪندا رهجو.
جيئن سيپاري پهرين، سورت بقره، آيت نمبر: 42 ۾ الله پاڪ بني اسرائيل کي فرمايو: