Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
پاڪ جي حمد ۽ ثناء ڪندا ڪن الله! الله! ڪن. ان جي پياري پياري نالن سان ان جو ذڪر ڪن، تلاوت ڪن، نعتون پڙهن، نيڪ ڪم ڪن، هي ڪندا ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا به بهتر ٿيندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اڳين آسماني ڪتابن ۾ نازل ٿيڻ واريون نعتون ٻڌيون، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارين صفتن کي ٻڌو، هن مان معلوم ٿيو ته پياري آقا، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جو جشن ملهائڻ يعني پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر ڪرڻ، سندن اوصاف و ڪمالات جو چرچو ڪرڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ بلڪل جائز بلڪه سُنت الٰهيه آهي ته الله تعالي پنهنجي نبين کي ذڪر مصطفيٰ ٻڌايو ۽ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام ٻڌو به، پڙهيو به ۽ پنهنجي اُمتن کي به ٻڌايو اَلحَمۡدُلله! اسان به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمجو ذڪر ڪيون به ٿا، ٻڌون به ٿا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جا چرچا به ڪيون ٿا، انهيءَ کي ته ميلاد چيو ويندو آهي. لهٰذا معلوم ٿيو: ميلاد ملهائڻ بلڪل جائز آهي.
پر هڪ ڳالھ ياد رکو! اَلحَمۡدُلله! اسان ميلادي ضرور آهيون پر ان کان پهريان اسان نمازي آهيون، اسان کي نماز به لازمي پڙهڻي آهي. اچو! هڪ روايت ٻڌون ٿا: ابو ثعلبه جيڪو تورات جو عالم هيو، مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هڪ ڀيرو کانئس پڇيو: تورات ۾ رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جيڪو شان بيان ٿيو آهي، اهو ٻڌايو: پاڻ فرمايو: تورات ۾ لکيل آهي: احمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي اولاد مان هوندا، سڌي دين وارا هوندا، سندن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ نبوت جي مهر هوندي، شملي (وارو عمامو) ٻڌندا، اُٺ جي سواري فرمائيندا، انهن کي اهڙي نماز ڏني ويندي جو جيڪڏهن اها نماز قوم نوح کي ڏني وڃي ها ته اهي طوفان جي ذريعي هلاڪ نه ٿين ها، جيڪڏهن قوم عاد کي ڏني وڃي ها ته انهن تي آنڌي