Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
وفاداري سندن طبيعت هوندي، معاف ڪرڻ ۽ ڀلائي سان پيش اچڻ سندن اخلاق هوندو، عدل و انصاف سندس سيرت هوندي، حق سندس شريعت هوندي، اسلام سندن دين هوندو ۽ سندن نالو مبارڪ احمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ هوندو.
(دلائل النبوہ لابی نعیم،الفصل الخامس ،جز:1 ،صفحہ:35- 36 ،حدیث:32- 33 ملتقطًا۔)
امام بَيهقي روايت ڪن ٿا؛ الله پاڪ حضرت داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي موڪلي: اي داؤد (عَلَيۡهِ السَّلَام)! بيشڪ توکان پوءِ جلد ئي هڪ نبي ايندو، ان جو نالو اَحۡمَد ۽ مُحمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هوندو، اهو سچو نبي آهي، مان ان کان ڪڏهن به ناراض نه ٿيندس، اهو ڪڏهن به منهنجي نافرماني نه ڪندو، بيشڪ مون ان جي صدقي اڳين پوين جا گناھ معاف ڪري ڇڏيا. (دلائل النبوہ للبیہقی،باب صفۃ رسول اللہ …الخ،جلد:1 ،صفحہ:380۔)
رسل انہیں کا تو مژدہ سنانے آئے ہیں انہیں کے آنے کی خوشیاں منانے آئے ہیں
جو چاہیں گے جسے چاہیں گے یہ اسے دیں گے کریم ہیں یہ خزانے لٹانے آئے ہیں([1])
صحابي رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هڪ ڀيري ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان پڇيو: تورات شريف ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون ڪهڙيون صفتون لکيل آهن؟ فرمايائون: تورات شريف ۾ آهي: مُحَمّد بن عبدالله(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم)، انهن جي ولادت جي جاءِ مڪو پاڪ آهي، سندن هجرت جو هنڌ مدينو شريف آهي، بريون ڳالهيون ڪرڻ وارا نه هوندا، بازارن ۾ شور مچائڻ وارا نه هوندا، بُرائي جو بدلو بُرائي سان نه ڏيندا بلڪه معاف ڪري ڇڏيندا، سندن اُمت ” اُمّتِ حمّاد “ (يعني ڪثرت سان حمد ڪرڻ واري) هوندي، اهي هر مشڪل ۽ آساني جي وقت الله پاڪ جي حمد ڪندا، اوچائي تي چڙهندي