Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
فرمائن ٿا: حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان آخري نبي محمد عربي جنت جو دروازو کوليندا. پوءِ دليل طور پاڻ تورات جي آيت پڙهيائون، جنهن ۾ هي هيو: اَخْرَابَا، قَدْمَابَا. حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: اَخْرَابَا، جي معنيٰ آهي: اَوّل. قَدْمَابَا. جي معنيٰ آهي: آخر.
نگاہِ عشق و مستی میں وہی اَوَّل، وہی آخر وہی قرآں، وہی فرقاں، وہی یٰسِیْں، وہی طٰہٰ
وضاحت: پيارا آقا، مڪ مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان اوّل به آهن ۽ آخر به آهن، کَانَ خُلُقُہُ الْقُرْآن رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مبارڪ اخلاق عين قرآن هئا ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارا ۽ يٰسين ۽ طہٰ جي شان وارا آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
ہُوَ الۡاَوَّلُ وَ الۡاٰخِرُ وَ الظَّاہِرُ وَ الۡبَاطِنُ ۚ وَ ہُوَ بِکُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمٌ (۳)
ترجموڪنزالعرفان: اهو ئي اوّل ۽ آخر ۽ ظاهر ۽ باطن آهي ۽ هو سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿو.
شيخ عبدالحَق محدث دهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: (اَوّل هجڻ، آخر هجڻ، ظاهرهجڻ، باطن هجڻ) هي چارئي صفتون الله پاڪ جون آهن ۽ الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي به هي صفتون عطا فرمايون آهن. (مدارج النبوہ،مقدمہ،جز:1،صفحہ:2خلاصۃً۔)
آقا ڪريم جي اَوّل ۽ آخر هجڻ جو مطلب
حديث پاڪ ۾ آهي: هڪ ڀيرو ملائڪن جو سردار حضرت جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام حضور پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو ۽ هيئن سلام عرض ڪيائين: السَّلَامُ عَلَیْکَ یَاظاہِرُ! اَلسَّلَامُ عَلَیْکَ یَابَاطِنُ اي ظاهر نبي! اوهان تي سلام هجي، اي باطن نبي، اوهان تي سلام