Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
وقت الله پاڪ جي تڪبير(مثلاً اللهُ اڪبر( چوندا، نماز ۾ صفون قائم ڪندا.
(دارمی،المقدمہ،باب صفۃ النبی فی الکتب قبل مبعثہ،صفحہ:25-26،حدیث:8ملتقطًا)
صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: هڪ دفعي رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ مون کي هدايت ڏيڻ وارو، تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو ۽ مون کي موسيقي جا اوزار ٽوڙڻ جي لاءِ موڪليو. اوس بن سَمعان (اها ڳالھ ٻڌي رهيو هو، موقعو ڏسي ان) چيو: ان ذات جو قسم! جنهن اوهان کي سچائي سان موڪليو، بيشڪ مون تورات ۾ اوهان جي متعلق ائين ئي پڙهيو آهي.
(حُجَّۃُ اللہ عَلیٰ الْعَالَمِیْن ،المبحث الرابع،الباب الاول،ما رواہ ائمۃ الحدیث... .الخ،صفحہ:94)
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو....!! غور فرمايو! گذريل ڪتابن ۾ الله پاڪ ڪيتري تفصيل سان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اوصاف ۽ ڪمالات، فضائل، اخلاق، پاڪيزه ڪردار جو ذڪر فرمايو، هتي ٿورو اهو به غور ڪيو! اسان جا آقا دنيا ۾ ڇو آيا؟ هن جي هڪ حڪمت تورات شريف ۾ بيان ٿيل آهي ته هُو موسيقي جا آلات ٽوڙڻ جي لاءِ آيا.
الله! الله! نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ته موسيقي جا اوزار ٽوڙڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا، سندن امت جيڪڏهن موسيقي جا اوزار ٺاهي، موسيقي وڄائي، موسيقي ٻڌي ته اها ڪيتري شرم جي ڳالھ آهي...!!! الحمدلله! هي اُمّت موسيقي ٻڌڻ واري نه آهي بلڪه ڇا آهي؟ تورات شريف ۾ بيان ٿيو: هي اُمّت اُمّتِ حَمّاد آهي يعني ڪثرت سان الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا بيان ڪرڻ واري آهي. (دارمی،المقدمہ،باب صفۃ النبی فی الکتب قبل مبعثہ،صفحہ:25- 26،حدیث:8ملتقطً) اسان کي گهرجي ته جهڙو نالو آهي اهڙا ڪم به ڪيون، ڳائڻ وڄائڻ، موسيقي، دهل ڌماما وغيره وغيره هي سڀ ڪجھ ڇڏي ڏيون، جيڪي اڳي ايئن ڪندا هئا، ان کان توبه ڪن، ان جي جڳھ تي الله