Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
کان پهريان جيڪا شيءِ پيدا فرمائي اهو تنهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نور مبارڪ آهي. (اَلْجُزْءُ الْمَفْقُوْدِ مِنْ مَصَنَّفِ عَبْدُ الرَّزَّاق، كتاب الايمان، باب فى تخليق ...الخ، صفحہ:63،)
شمع دل مشکوٰۃ تن سینہ زُجاجہ نُور کا تیری صُورت کےلئے آیا ہے سورہ نور کا ([1])
وضاحت: سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهسورت نور جي آيت نمبر: 35 جي ايمان اَفروز تشريح ۽ تفسير جيڪا ڪيئي تفسيرن جو خلاصو آهي، ان کي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ شعر ۾ پروئي ڇڏيو آهي، ملاحظه فرمايو! آيت جي لفظ نور مان مراد حضور پرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دل آهي ۽ مشڪوات مان مراد سرڪار جو جسمِ معطر آهي، سينو مبارڪ شيشي جي نوراني چمني آهي ايئن لڳي ٿو پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو حليو بيان ڪرڻ جي لاءِ ئي الله پاڪ سورت نور نازل فرمائي آهي.
خيال رهي! اسان جا آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نور به آهن ۽ بشر به آهن، قرآن و احاديث ڪريمه مان هي ٻئي ڳالهيون ثابت آهن،
آدم جي تخليق کان 14 هزار سال پهريان
حضرت امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مان آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي تخليق کان 14 هزار سال پهريان الله پاڪ وٽ نور هيس. (اَلْمَوَاہِبُ اللْدُنْیَۃ،المقصد الاول،فی تشریف اللہ ...الخ،جلد:1 ،صفحہ:39)
موليٰ ڪنهن جي نور اسان کي ڍڪي ڇڏيو؟
شارح بخاري امام احمد بن محمد قسطلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: جڏهن الله پاڪ اسان جي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو نور خلقيو ته ان کي حڪم ڏنو ته تمام نبين جي نور کي ڏس، پُوءِ الله پاڪ سڀني نبين جي نور کي اسان جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نور سان ڍڪي ڇڏيو. انهن عرض ڪيو: موليٰ ڪنهن جي نور