Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
آهي؟ جواب آيو: ڇا اوهان انهن کي نٿا سڃاڻون؟ هي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن(الله پاڪ انهن جي متعلق فرمائي ٿو ته هُو) منهنجي نالي سان دعا ڪندا ته مان انهن جي دعا قبول ڪندس.
عالم سڳورا فرمائن ٿا: هن روايت ۾ زيتون جي (2) وڻن مان مراد دين ۽ بادشاهي آهي جيڪا الله پاڪ پنهنجي محبوب کي عطا ڪري ڇڏي آهي. (حُجَّۃُ اللہ عَلیٰ الْعَالَمِیْن ،المبحث الرابع ،الفصل الاول،البشارۃ الحادیۃ و الثلاثون،صفحہ:80 ملتقطًا
حضرت وهب بن منبه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ حضرت شَعۡيا عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي موڪلي: بيشڪ مان هڪ نبي (عَلَيۡهِ السَّلَام) کي موڪليندس، جيڪو اُمّي هوندو (يعني دنيا ۾ انهن جو ڪوبه استاد نه هوندو) مان انهن جي ذريعي ٻوڙا ڪن کولي ڇڏيندس، غافل دلين کي بيدار ڪندس، انڌيون اکيون روشن ڪندس، سندن ولادت جو هنڌ مڪو پاڪ آهي، سندن هجرت جو هنڌ طيّبه آهي، سندن بادشاهت ملڪ شام ۾ هوندي. اُهي منهنجا خاص ٻانها آهن، متوڪل (مون تي ڀروسو ڪندڙ)آهن، مصطفيٰ (چونڊيل) آهن، مرۡفوع (اعلي ذڪر وارا) آهن، حَبِيۡب آهن، مُتَحبَّب(يعني پسند ڪيل) آهن، مختار (يعني اختيار رکڻ وارا) آهن، هُو برائي جو بدلو برائي سان نه ڏيندا بلڪه معاف فرمائي ڇڏيندا، مؤمنن تي رحم ڪرڻ وارا هوندا، (ايترا نرم دل هوندا جو) زخمي جانورن کي ڏسي ڪري روئندا، بيواھ جي هنج ۾ يتيم کي ڏسي ڳوڙها ڳاڙيندا، سخت نه هوندا، بريون ڳالهيون ڪرڻ وارا نه هوندا، نه ئي بازارن ۾ شُور مچائڻ وارا، هلڻ ۾ اهڙا باوقار هوندا جو جيڪڏهن ڏيئي جي ڀرسان لنگهي وڃن ته ڏيئو نه وسامي، سُڪل گاھ تي قدم رکن ته قدمن جي آهٽ جو آواز نه اچي، مان انهن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ دوزخ کان ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليندس، انهن کي پاڪ اخلاق عطا ڪندس، عزت ۽ وقار انهن جو لباس هوندو، نيڪي سندن طريقو هوندو، پرهيزگاري سندن ضمير هوندو، حڪمت سندن ڪلام هوندو، سچائي ۽