Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

اجتماع ۾ ڪن ڇا ٿا! پر قدرت کي ڪجھ ٻيو ئي منظور هو جڏهن مان اجتماع ۾ ويس ته مبلغِ دعوتِ اسلامي اجتماع کان بعد شفقت ڀري انداز ۾ مونکي سمجهايو جنهن جي نتيجي ۾ مدني قافلي ۾ سفر جي مون نيّت ڪئي ۽ جلدئي مونکي عاشقانِ رسول سان 3 ڏينهن جي لاءِ مدني قافلي ۾ سنّتن ڀري سفر جي سعادت نصيب ٿي وئي. اسان جو مدني قافلو هڪ مسجد ۾ ترسيو. الحمد لله! پهرين ئي رات مون گنھگار تي ڪرم مٿان ڪرم ٿي ويو. ڇا ٿو ڏسان ته مسجدِ نبوي شريف جو صحن آهي ۽ مان ٻهارو ڏئي رهيو آهيان. ايتري ۾ سنهريون ڄاريون کُلن ٿيون ۽ امّت جا غم خوار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻاهر تشريف کڻي آيا ۽ منهنجو نالو وٺي ڪري فرمايو: پنهنجو باطن به صاف ڪيو. هن خواب سان منهنجي دل ۾ انقلاب پيدا ٿي ويو! حالانڪه ان کان پهريان معاذ الله! حياتُ النّبي جو منڪر هيس ۽ منهنجو هي به عقيدو هو ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي ڏسندا ٻڌندا ناهن ۽ نه ئي اسان جي باطني حالت سان آگاھ آهن. الحمد لله! مون تي حق ظاهر ٿي ويو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان جا نالا ته ڇا، دلين جي ڪيفيت به ڄاڻيندا آهن. الحمد لله! مون باطل عقيدن کان سچي توبھ ڪري ورتي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن منهنجي چهري تي هڪ مٺ ڏاڙهي آهي، مٿي تي عمامي جو تاج ۽ جسم تي سنّت جي مطابق مدني لباس رهندو آهي.

ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua) ايپ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام ئي پياري موبائل ايپليڪيشن (Application)بنام ”ڪلمو ۽ دُعا“ (Kalma &Dua) جاري ڪئي آهي۔ هن ايپليڪيشن جي ذريعي تمام آسان انداز سان ٻارن جي تربيت ڪري سگھجي ٿي. * هن ايپليڪيشن ۾ ٻارن جي لاءِ 6 ڪلما آواز (Audio) جي صورت ۾ لفظ جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * روزمره جون 16 مختلف دعائون مثال طور پاڻي پيئڻ جي دُعا، کاڌو کائڻ کان پهريان جي دُعا، ۽ کاڌو کائڻ