Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
کي ملڻ گهرجي ها، انهي ڪري انهن حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي ايمان نه آندو. خبر پئي حسد ايمان کان روڪي ڇڏيندو آهي. (تفسیر نور العرفان، پارہ:1، البقرۃ، زیر آیت:90بتغیر قلیل۔)
مسند امام احمد ۾ آهي: هڪ دفعي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گُذر هڪ يهودي وٽان ٿيو ان جو پٽ بيمار هيو ۽ هُو مٿن کان بيهي تورات جي تلاوت ڪري رهيو هو نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي يهودي! توکي ان سچي خدا جو قسم جنهن موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي تورات نازل ڪيو!ڇا تورات ۾ منهنجي نعت ۽ صفتون لکيل آهن، ان يڪدم انڪار ڪيو پر سندس پٽ جيڪو بيمار هيو، ان جي قسمت جو ستارو چمڪي رهيو هو، ان فوراً (پنهنجي پيءُ جي ڪوڙ کي واضح ڪندي) چيو: مان گواهي ڏيان ٿو ته تورات ۾ تنهنجي نعت، تنهنجون صفتون ۽ تنهنجي تشريف آوري جي وقت جو ذڪر موجود آهي. ايترو چئي ڪري ان ٻار يڪدم ڪلمو پڙهيو ۽ مسلمان ٿي ويو. (مسندِ امام احمد،جلد:9 ،صفحہ:551 ،حدیث:24135 ملتقطًا۔)
یہ آج بُشْریٰ لَکُمْ کی صدا کا شور ہے کیوں یہ مرحبا کی نداؤں میں آج زور ہے کیوں
وہ آئے آنے کی جن کے خبر تھی مُدت سے دُعا خلیل کی عیسیٰ کی جو بشارت تھے([1])
اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو، اهل ڪتاب جيڪي ايمان قبول نه ڪندا هئا اهي صرف حَسد جي ڪري ايمان قبول نه ڪندا هئا، باقي جيڪي دل جا صاف هوندا هئا، اهي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسندي ئي ڪلمو پڙهندا هئا.