Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

وَ لَا تَلۡبِسُوا الۡحَقَّ بِالۡبَاطِلِ وَ تَکۡتُمُوا الۡحَقَّ وَ اَنۡتُمۡ تَعۡلَمُوۡنَ (۴۲)    

ترجَمو ڪنزُالعرفان: ۽ حق کي باطل سان نه ملايو ۽ ڄاڻي واڻي حق کي نه لڪايو.

هن آيت سڳوري ۾ بني اسرائيل کي ٻن ڳالهين کان منع ڪيو ويو آهي:
1 : حق کي باطِل سان ناهي ملائڻو ۽ 2: حق کي ناهي لڪائڻو۔

آيت سڳوري ۾ ٻه ڀيرا لفظِ حق استعمال ٿيو آهي، هن هنڌ حق مان ڇا مراد آهي؟ ان جي وضاحت ڪندي مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: نَعْۃُ مُحَمَّدٍ فِی التَّوْراۃِ يعني هن هنڌ حق مان مراد حُضُور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اها  نعتِ پاڪ آهي، جيڪا الله پاڪ تورات شريف ۾ نازِل فرمائي.[1] لهٰذا بني اسرائيل کي حڪم ڏنو ويو ته اي تورات تي ايمان رکڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارؤ! اسان تورات شريف ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اَوۡصَاف ۽ فَضَائِل بيان ڪيا آهن، هاڻي توهان تي لازم آهي ته توهان اسان جي محبوب جي نعتن ۾ نه پنهنجي طرفان ملاوٽ ڪيو، نه ئي اسان جي محبوب جون نعتون (سهڻا وصف) لڪايو! بلڪه جيترو ٿي سگھي اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي نعتن(سهڻن وصفن) جي ساراھ ڪيو...!

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو، آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نعتن، سندن صفتن ۽ ڪمالن جو چرچو ڪرڻ ربّ ڪريم کي پسند آهي. هن مان اندازو لڳايو! ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جيڪي اَوۡصافِ مصطفيٰ جو خُوب چرچو ڪندا آهن، نعتون پڙھندا آهن، ميلاد ملهائي، ذڪر مصطفٰي جي محفل سجائي، جهنڊا کڻي، جلوس ۾ شرڪت فرمائي ڪري جهومي جهومي سرڪار جي آمد جو چرچو ڪندا ۽ ذڪر مصطفيٰ ڪرڻ جي سعادت ماڻيندا آهن۔


 

 



[1] (حَاشیَۃُ الصَّاوِی عَلیٰ تَفسِیر ِالجَلالین، پارہ:1، البقرۃ، زیرِ آیت:42، جلد:1، صفحہ:67۔)