Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
اسان کي ڍڪي ڇڏيو؟ الله پاڪ فرمايو: هٰذَا نُورُ مُحَمَّدِ بْنِ عَبْدِ اللہ يعني هي محمد بن عبدلله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو نور آهي. (اَلْمَوَاہِبُ اللْدُنْیَۃ ،المقصد الاول،فی تشریف اللہ ...الخ،جلد:1 ،صفحہ:33۔)
ذَرَّہ ذَرَّہ جگمگایا ہر طرف آیا نکھار گویا ساری ہی فضا کو نُور میں نہلایا ہے
نُوروالا آیا ہے ہاں! نُور لے کر آیا ہے سارے عالَم میں یہ دیکھو نُور کیسا چھایا ہے([1])
رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صرف نُور نه بلڪ نور ورهائڻ وارا آهن، صحابي رسول حضرت ڪعب بن زُهير رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اِنَّ الرَّسُوْلَ لَنُوْرٌ یُسْتَضَاُ بِہٖ بيشڪ رسول لله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙا نور آهن جن سان روشني حاصل ڪئي ويندي آهي. (معجمِ کبیر،جلد:8،صفحہ:192،رقم:15735۔)
حضرت اُسيد بن اَبو اياس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: نُور واري آقا، رسول خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيرو منهنجي چهري ۽ منهنجي سيني تي نور وارو هٿ ڦيريو، ان جي برڪت اها ظاهر ٿي ته مان جڏهن به ڪنهن اونداهي گهر ۾ داخل ٿيندو هيس ته اهو گهر روشن ٿي ويندو هيو. (کنز العمال،کتاب الفضائل،فضائل الصحابہ،جز:13 ،جلد:7،صفحہ:123،حدیث:36819ملتقطًا)
چمک تجھ سے پاتے ہیں سب پانے والے مرا دِل بھی چمکا دے چمکانے والے
برستا نہیں دیکھ کر ابرِ رحمت بدوں پر بھی برسا دے برسانے والے([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! گذريل آسماني ڪتابن ۾ رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڪيئي پيارا پيارا نالا به ذڪر ڪيا ويا هئا. اچو! ڪجھ مبارڪ نالا ٻڌون ٿا: