Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
هجي. اُن تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي جبريل! هي صفتون ته الله پاڪ جون آهن، انهيءَ کي سونهن ٿيون، مون جهڙي مخلوق جون هي صفتون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن؟ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَامعرض ڪيو: الله پاڪ اوهان کي هنن صفتن سان فضيلت ڏني، اوهان کي سڀني نبين ۽ رسولن تي فضيلت بخشي ۽ پنهنجي نالي ۽ صفت سان اوهان جو نالو ۽ وصف ڪڍيو آهي. (اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! الله پاڪ اوهان جو نالو اَوَّل رکيو، ڇوته اوهان جي پيدائش جي اعتبار سان سڀني انبياءِ ڪرام کان اَوّل يعني پهريان آهيو(ڇوته سڀني کان پهريان اوهان جو نور مبارڪ پيدا ڪيو ويو)، الله پاڪ اوهان جو نالو مبارڪ آخِر به رکيو ڇوته اوهان سڀني نبين سڳورن جي زماني کان آخر ۾ تشريف کڻي اچڻ وارا ۽ آخري اُمت جا آخري نبي آهيو، انهي طرح الله پاڪ اوهان جو نالو باطِن به رکيو، ڇوته الله پاڪ پنهنجي نالي سان گڏ اوهان جو نالو پاڪ سنهري نور سان عرش جي پائي تي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي پيدائش کان 2 هزار سال پهريان هميشه هميشه جي لاءِ لکيو. انهي طرح الله پاڪ اوهان جو نالو ظاهِر به رکيو ڇوته ان اوهان کي تمام دينن تي غلبو عطا فرمايو، اوهان جي شريعت و فضيلت کي تمام زمين ۽ آسمان وارن تي ظاهر ڪري ڇڏيو..[1]
وہی ہیں اوّل وہی ہیں آخر وہی ہیں باطن وہی ہیں ظاھر
انہیں سے عالم کی ابتدا ہے وہی رسولوں کی انتہا ہیں
صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي فرمائي: اي موسي! جيڪو شخص (قيامت جي ڏينهن) احمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو