Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
جو عذاب نه اچي ها، جيڪڏهن قوم ثمود کي ڏني وڃي ها ته هُو رڙ جي عذاب کان هلاڪ نه ٿين ها. (حُجَّۃُ اللہ عَلیٰ الْعَالَمِیْن ،المبحث الرابع،الباب الاول،ما رواہ ائمۃ الحدیث …الخ،صفحہ:95- 96 ملتقطًا۔)
الله اڪبر! غور فرمايو! نماز جي ڇا ته عظيم فضيلت آهي. انهي ڪري اسان کي ميلاد ضرور ملهاڻو آهي، ۽ ملهائڻ به گهرجي پر جشن چراغان ۾ گيت نه وڄائڻ گهرجن، موسيقي نه وڄائڻ گهرجي، ڊانس پارٽيون نه رکيون وڃن، بي پردگي ناهي ڪرڻي بلڪه شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري ميلاد ملهائڻو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنج ئي نمازو باجماعت ادا ڪرڻيون آهن.
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
12ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو
اي عاشقانِ رسول! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، سنّتن تي هلڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون ملنديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو به آهي.
پنجاب (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کان پهريان منهنجو اٿڻ ويهڻ بد عقيده ماڻهن سان هو. ۽ فلمن ڊرامن جو شوقين هيس ۽ منهنجي چهري تي ڏاڙهي به سنّت جي مطابق نه بلڪه ننڍي هئي. منهنجي سڌرڻ جو سامان ايئن ٿيو جو هڪ ڀيري منهنجي دڪان تي هڪ اسلامي ڀاءُ پنهنجي شهر ۾ ٿيڻ واري هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع جي دعوت ڏني مون ٽارڻ سان گڏوگڏ انهن کي بُرو ڀلو به چيو، منهنجي ان بَرتاءُ جي ڪري انهن جي چهري تي اداسي ڇائنجي وئي، مان رات جو جڏهن گهر ويس ماني کائڻ کان بعد مونکي انهن اسلامي ڀائرن جو خيال آيو ته مون سوچيو ڇونه انهن جي اجتماع ۾ وڃان ته جيئن ڏسي سگهجي ته هي ماڻهو