Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

ڏسي مون پڇيو: مَنْ ہٰذَا يعني ايڏي وڏي رُتبي وارا نبي جن جي اٿڻ سان سڄي زمين روشن ٿي وئي، هي ڪير آهن؟ ته جواب مليو: هي مُحَمَّد بِنۡ عبدالله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن. جڏهن هي ٻئي ڄڻا گڏ ويهي اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا، يعني هڪ خواب ٻُڌائي رهيو هو ٻيو ٻڌي رهيو هو، هڪ عظيم تابعي بُزرگ حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه (جيڪو تورات شريف جو وڏو ماهر عالم هو)، پاڻ انهن جي ڀرسان ويٺا هئا، سندن ڪنن ۾ جڏهن انهن جي ڳالهين جو آواز پهتو ته پاڻ فرمايائون: هي توهان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو(يعني هي جيڪو توهان ٻڌائي رهيا آهيو اها ڳالھ توهان ڪٿي پڙهي يا ٻڌي آهي،)؟ خواب ٻڌائڻ واري چيو: هي ڳالھ مون نه ڪٿي پڙهي آهي نه  ئي ڪٿي ٻڌي آهي بلڪه رات مون خواب ڏٺو هو، اهو بيان ڪري رهيو آهيان. اهو ٻڌي ڪري حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: وَ الَّذِیْ بَعَثَ مُحَمَّدًا بِالْحَقِّ اِنَّہَا لَفِیْ کِتَابِ اللہ  يعني اُن ڪائنات جي ربّ جو قسم جنهن محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سچو نبي بڻائي موڪليو آهي! توهان ته هي خواب ڏٺو آهي پر مون بلڪل اهائي ڳالھ الله پاڪ جي نازل ڪيل گذريل آسماني ڪتابن ۾ پڙهي آهي. (سُبُلُ الْھُدیٰ وَ الرَّشاد،جماع ابواب خصائصہ …الخ،الباب الثالث ،جلد:10،صفحہ:385۔)

سُبحٰن الله! ڇاته شان آهي اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو....!! هن مان معلوم ٿيو ته اسان جا آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   نور به آهن، صاحبِ نور به آهن ۽  حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه جي وضاحت جي مطابق اڳين آسماني ڪتابن ۾ به اهو ئي لکيل هو ته پاڻ اهي مبارڪ نور آهن جن جي ذريعي سڄي زمين نور سان جڳمڳائي رهي آهي.

چار جانِب روشنی ہے سب سماں ہے نُور نور                                         حق نے پیدا آج اپنے پیارے کو فرمایا ہے

آگے پیچھے، دائیں بائیں نور ہے چاروں طرف                                     آ گیا  ہے  نُور  والا،  نُور  والا  آیا  ہے([1])


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:460 ملتقطًا۔