Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

هن آيتِ ڪريمه ۾ فرمايو ويو ته سڀني صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهم سان الله پاڪ حُسنيٰ جو وعدو فرمايو آهي، هاڻي جنهن سان حُسنيٰ جو وعدو فرمايو وڃي، ان جي شان ڇا هوندي؟ هي به قرآن ڪريم ئي کان ٻڌي وٺو! الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّ الَّذِیۡنَ سَبَقَتۡ لَہُمۡ مِّنَّا الۡحُسۡنٰۤی ۙ اُولٰٓئِکَ عَنۡہَا مُبۡعَدُوۡنَ (۱۰۱)ۙ لَا یَسۡمَعُوۡنَ حَسِیۡسَہَا ۚ   وَ ہُمۡ  فِیۡ مَا اشۡتَہَتۡ  اَنۡفُسُہُمۡ  خٰلِدُوۡنَ (۱۰۲)ۚ لَا یَحۡزُنُہُمُ الۡفَزَعُ الۡاَکۡبَرُ وَ تَتَلَقّٰہُمُ الۡمَلٰٓئِکَۃُ ؕ   ہٰذَا یَوۡمُکُمُ الَّذِیۡ  کُنۡتُمۡ تُوۡعَدُوۡنَ (۱۰۳)

(پارہ:17 ،سورۂ انبیاء:101-103)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ جن جي لاءِ اسان جي طرفان ڀلائي جو واعدو پهريان کان ٿي چڪو اهي جهنم کان پري رکيا ويندا. اهي ان جو هلڪو آواز به نه ٻڌندا ۽ اهي پنهنجي دل پسند نعمتن ۾ سدائين رهندا. انهن کي سڀ کان وڏي گهٻراهٽ غمگين نه ڪندي ۽ فرشتا انهن جو استقبال ڪندا جو هي توهان جو اهو ڏينهن آهي جنهن جو توهان سان واعدو ڪيو ويندو هو.

هن آيتِ ڪريمه ۾ ٻڌايو ويو ته جن کان الله پاڪ حُسْنیٰ جو وعدو فرمايو آهي، انهن کي 5 فضيلتون عطا ٿينديون: (1) اهي جهنم کان پري رکيا ويندا (2) اهي جهنم جو معمولي آواز به نه ٻڌندا (3) اهي من گهريل مرادون ماڻيندا ۽ هميشه ان ۾ رهندا. (4)  قيامت جي ڏينهن وڏي گهٻراهٽ ۾ انهن کي ڪجھ خوف نه ٿيندو. (5) ملائڪ انهن جو هي چوندي استقبال ڪندا: هي آهي اهو ڏينهن جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو هيو.

هنن ٻنهي آيتن مان معلوم ٿيو: سڀني صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهم کان حُسْنیٰ جو وعدو  آهي، لهٰذا سڀني صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهم جي اها شان آهي جو هو جهنم کان پري رکيا ويندا، جهنم جو معمولي آواز به نه ٻڌندا، هميشه دل گهريل مرادن