Book Name:Jannat Ke Kharidar
جنت حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي لاءِ روشن ڪئي ويندي
حضرت عقبه بن عامر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ شخص سرڪار مدينه، راحت قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پڇيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ڇا جنت ۾ بجلي چمڪندي؟ فرمايائون: ها! ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! جڏهن عثمان هڪ منزل کان ٻي منزل جي طرف ويندا ته ان جي لاءِ جنت ۾ بجلي چمڪندي.[1]
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه يقيناً قطعي يقيني جنتي آهن. جنتي هجڻ جي حيثيت سان سندن هڪ نرالي خصوصيت هي به آهي ته سندن هڪ ڀيرو نه بلڪه ڪيئي ڀيرا پاڻ مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان باقاعده جنت خريد به فرمائي آهي. سندن ڪڏهن؟ ۽ ڪيئن جنت خريد فرمائي اچو! هن جي متعلق واقعا ٻڌون ٿا:
حضرت عمرفاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پوٽي سالم بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهما کان روايت آهي ته هڪ ڀيري مسجد حرام شريف جي توسيع جي ضرورت هئي، ان جي لاءِ ويجهو هڪ گهر خريد ڪرڻو هيو، سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان گهر جي مالڪ کي فرمايو: تون هي گهر مسجد حرام جي توسيع جي لاءِ ڏئي ڇڏ! مان توکي جنتي گهر جي ضمانت ڏيان ٿو. ان شخص کي شايد ان ضمانت جي اهميت معلوم نه هئي، جيئن ته ان گهر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي جڏهن هن ڳالھ جي خبر پئي ته پاڻ جلدي مان ان گهر جي