Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

راضي ٿي وڃن، اهو آخرت جي سڀ کان وڏي انعام يعني الله پاڪ جي رضا جو حقدار ٿي ويندو آهي ۽ الله پاڪ جي فضل سان حضرت عثمانِ غني  رَضِىَ اللهُ عَنۡها هي وڏي رُتبي وارا صحابي آهن جو رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي رات سندن لاءِ دُعا فرمائي: ياالله پاڪ! مان عثمان سان راضي آهيان، تون به هن کان راضي ٿي وڃ۔

هاڻي ٿورو اندازو لڳايو! هي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڪيتري وڏي فضيلت آهي۔

اللہ سے کیا پیار ہے عثمانِ غنی کا                         محبوبِ خُدا یار ہے عثمانِ غنی کا

گرمی پہ یہ بازار ہے عثمانِ غنی کا                                                                            اللہ  خریدار  ہے  عثمانِ  غنی  کا([1])

  رِضاءِ مصطفيٰ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو!

اي عاشقانِ رسول! اسان کي به گھرجي! اسان به محبوبِ خُدا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضِي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون * نيڪ ڪم ڪريون * گُنَاهن کان بچون * درودِ پاڪ پڙھون * ذِڪرُ الله ڪريون * قرآنِ ڪريم جي ڪثرت سان تلاوت ڪريون * مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکويل اُمّت جو غم پري ڪريون * عاشقانِ رسول سان همدردي ڪريون * ٻين جي ڪم اچون، ايئن ڪنداسين ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! الله پاڪ جا پيارا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان راضي ٿي ويندا، جيڪڏهن رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راضي ٿي ويا ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! الله پاڪ به راضي ٿي ويندو۔

کام وہ لے لیجئے! تم کو جو راضی کرے                ٹھیک ہو نامِ رضا تم پہ کروروں درود([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...ذوق نعت ، صفحہ:80ملتقطاً۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:271۔