Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي متعلق هڪ ٻي به غيب جي خبر ڏني، فرمايائون: هڪ مصيبت جيڪا انهن کي پهچندي، ان کان بعد هي جنتي آهن. هي مصيبت حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي سندن خلافت جي آخري زماني ۾ پهتي، ڪجھ شرپسند باغين سندن گهر کي گهيري ورتو، جنهن سبب سندن گهر کان نڪرڻ ۽ کاڌو پيتو بند ٿي ويو، آخر انهيءَ مظلوميت جي حالت ۾ کين شهيد ڪيو ويو. هي آهي اها مصيبت جيڪا عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي پهتي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي سال پهريان ئي ان جي خبر ڏني. خبر پئي؛ الله پاڪ جي عطا سان الله پاڪ جا محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪلهه جي، سالن کان بعد جي، صدين کان بعد جي، بلڪه قيامت تائين بلڪه قيامت کان به بعد تائين جون خبرون ڄاڻين ٿا.

جو ہو چکا ہے جو ہو گا حضور جانتے ہیں                       تیری عطا سے خُدایا حضور جانتے ہیں

وہی ہیں پیکرِ شرم و حیا و ذُو النُّورَیْن                        مقام ان کی حیا کا حُضُور جانتے ہیں

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد

جنت عدن جي حور

حضرت عقبه بن عامر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: معراج جي رات مان جنتِ عدن ۾ داخل ٿيس، اتي وڏين اکين واري هڪ خوبصورت حُور هئي، مون ان کان پڇيو: لِمَنْ اَنْتِ؟ تون ڪنهن جي لاءِ آهين؟ حُور چيو: اوهان جي ظلم طور شهيد ڪيل خليفي عثمان بن عفان رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي لاءِ.[1]

جس آئینہ میں نورِ الٰہی نظر آئے                                وہ آئینہ رخسار ہے عثمانِ غنی کا([2])


 

 



[1] فضائل الصحابہ لاحمد بن حنبل، صفحہ:522-523،  حدیث:864ملتقطاً

[2]...ذوق ِ نعت ،صفحہ:81۔