Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

بڻجندو ۽ سڀ کان اَهم ڳالھ هي آهي جو سُنَّتِ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْـهِمُ الـسَّـلَام يعني نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو۔

گُنَاهن کان ڇوٽڪارو ملي ويو

هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان گُنَاهن جي دلدل ۾ ڦاٿل هئس، شراب پيئڻ، ماءُ پيءُ کي ستائڻ، نمازون قضا ڪرڻ منهنجو معمول هو، هڪ ڀيري منهنجي ڀاڻيجي مون کي مدني قافلي ۾ سفر جي دعوت ڏني، مان ٽاريندو رهيس پر ان همت نه هاري ۽ مسلسل دعوت ڏيندو رهيو، نيٺ هڪ ڀيري مان مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ئي ويس، مدني قافلي دوران نيڪي جي دعوت، سنتن ڀريا بيان ٻڌڻ جو موقعو مليو، گڏوگڏ ئي شيخِ طريقت، امير ِاهلسنت بانيء دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا مختلف رسالا پڙھڻ به نصيب ٿيا، بس انهن سڀني شين جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو دِل ۾ انقلاب برپا ٿي ويو، مون گُنَاهن کان سچي پڪي توبه ڪئي، شراب ڇڏي، نمازون پڙھڻ لڳس ۽ ماءُ پيءُ جو فرمانبردار بڻجي ويس، اَلْحَمْدُ للّٰه! مدني قافلي جي برڪت سان مون ڏاڙھي شريف رکي، مٿي تي عمامي جو تاج سجايو، هاڻي مان هڪ مسجد جو مؤذن آهيان ۽ پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ۾ ادا ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو.[1]

اُلْفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خُدا                                 چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

گر مدینے کا غم، چاہئے چشمِ نَم                             لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو

 

”ماهوار فيضانِ مدينه“ ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي،


 

 



[1] شرابی مؤذن کیسے بنا؟، صفحہ:15۔