Book Name:Jannat Ke Kharidar
* بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
اي الله پاڪ! عثمان کان راضي ٿي وڃ.....!
غزوۂ تبوڪ جو موقعو هيو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جو لشڪر سَفَر تي هو، رستي ۾ هڪ هنڌ تي وڏي مشڪل پيش آئي، کائڻ پيئڻ جون شيون ختم ٿي ويون، شديد گرمي هئي، بک ۽ اُڃ جي سختي ٿي، هن حالت ۾ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي چهرن تي اَفسُردَگي جا آثار نظر اچڻ لڳا، جڏهن ته منافق هن حالت کي ڏسي خوش ٿي رهيا هئا۔
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن هي صورتِ حال ڏٺي ته غيب جي خبر ڏيندي فرمايائون: الله جو قسم! سج لهڻ کان پهريان الله پاڪ توهان وٽ رزق موڪليندو۔
حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه به لشڪر ۾ موجود هئا، پاڻ جڏهن هي فرمانِ مصطفيٰ ٻڌائون ته يڪدم انتظام ڪرڻ شروع ڪيائين، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اناج سان ڀريل 7 اٺ خريدي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ڪيا، جڏهن صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان هي اُٺ ڏٺا ته سندن چهرن تي خوشي ظاهر ٿي وئي، ٻئي پاسي منافقن جا چهرا غمگين ٿي ويا۔ سرورِ عالم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ جڏهن اهي 7 اٺ پيش ڪيا ويا ته فرمايائون: هي ڇا آهي؟ ڪنهن جي طرفان آهن؟ عَرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡها وهان جي خدمت ۾ تحفو پيش ڪيو آهي۔
راوِي چئي ٿو: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي ڳالھ ٻُڌي ته مون پاڻ ڏٺو ته، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا جي لاءِ هٿ کنيا ۽ ايترا بلند ڪيا