Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

ان ۾ حسب توفيق پنهنجو حصو لازمي شامل ڪرڻ گهرجي. حديث شريف ۾ آهي: جيڪو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ مسجد بڻائي، الله پاڪ ان جي لاءِ جنت ۾ گهر بڻائيندو آهي.[1]

    اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي مسجد بڻايو تحريڪ به آهي يعني دعوت اسلامي مسجدون بڻائيندي به آهي، پوءِ مسجد کي آباد ڪرڻ ۽ آباد رکڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪندي آهي. ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾  هاڻي تائين الحمدلله! سوين مسجدون تعمير ٿي چڪيون آهن. اوهان به هن نيڪ ڪم ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو! همت ۽ توفيق هجي ته سڄي مسجد ئي ٺهرايو، هي به نه ڪري سگهو ته جيترو ٿي سگهي، دعوت اسلامي سان تعاون ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! مسجد ٺهندي، صدين تائين ماڻهو ان ۾ نماز پڙهندا رهندا، اسان کي ثواب ملندو رهندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

(3) بِئۡرِ رومه جي بدلي جنتي چشمو

پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جا ٽيان خليفه حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جنت جا خريدار آهن، پاڻ هڪ ڀيرو نه بلڪ ڪيئي ڀيرا جنت خريدي آهي. ان جي متعلق هڪ واقعو نهايت مشهور آهي. جڏهن صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهم هجرت ڪري مديني پاڪ آيا، اتي پاڻي جي ضرورت پئي، ان وقت مديني ۾ هڪ ئي مٺي پاڻي جو کوھ هو جنهن کي بئر رومه چيو ويندو هيو، ان کوھ جو مالڪ پاڻي وڪڻندو هيو، جيئن ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي ضمانت ڏني ته هن کوھ کي جيڪو خريد ڪري مسلمانن جي لاءِ وقف ڪندو ته ان کي هن جي بدلي جنتي


 

 



[1] ابنِ ماجہ ،کتاب المساجد و الجماعات،باب من بنی للہ مسجدا ،صفحہ:127،حدیث:737