Book Name:Jannat Ke Kharidar
(8): شڪسته حالي ختم ٿيندي (9): خوف دور ٿيندو، دلي سڪون نصيب ٿيندو(10): الله پاڪ جي مدد حاضر هوندي (11): الله جي رحمت واجب ٿيندي (12): فرشتا انهن تي رحمتون موڪليندا (13): نيڪ ڪمن جي توفيق ملندي (14): الله پاڪ جي غضب کان نجات ملندي. (15): گناهه بخشيا ويندا (16): مغفرت واجب ٿي ويندي (17): غلام آزاد ڪرڻ کان وڌيڪ ثواب ملندو (18): بگڙيل ڪم بڻجي ويندا (19): پاڻ ۾ محبت وڌندي. (20): کاڌي ۾ برڪت نصيب ٿيندي (21): الله پاڪ جي درٻار ۾ درجا بلند ٿيندا (22): الله تعاليٰ ملائڪن جي سامهون انهن تي فخر ڪندو (23): اهي قيامت جي ڏينهن دوزخ کان محفوظ رهندا (24) : آخرت ۾ الله پاڪ جي رحمت ۽ احسان نصيب ٿيندو (25): ۽ خدا چاهيو ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جي صدقي سڀ کان پهريان جنت ۾ وڃڻ نصيب ٿيندو.
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي ماڻهن کي دين جون ڳالهيون ٻڌائي، نماز سيکاري، روزا، حج ۽ زڪوات جا احڪام سيکاري، سنتن جو عامل بڻائي ڪري، نيڪي جي دعوت ڏئي ڪري، نيڪ نمازي بڻائي ته همدردي ڪري ئي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ دعوت اسلامي جو هڪ ڊپارٽمنٽ آهي: FGRF۔ هن ڊپارٽمنٽ جو بنيادي مقصد ئي مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غمزده امت سان همدردي ڪرڻ آهي، ڪا اوچتي آفت جهڙوڪ خدانخواسته زلزلو اچي وڃي، سيلاب اچي وڃي ته فوري طور تي امدادي ڪمن ۾ حصو وٺڻ آهي.
اوهان به دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو! FGRF سان خوب مالي تعاون ڪيو! اوهان جي ڏنل رقم مان ڏکايلن جا ڏک ختم ٿيندا، مريضن جو علاج ٿيندو،