Book Name:Jannat Ke Kharidar
غريبن، بي سهارن کي سهارو ملندو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ان جا بيشمار فائدا نصيب ٿيندا. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا درد مندوں سے، ضعیفوں سے محبت کرنا
دُور دُنیا کا مرے دم سے اندھیرا ہو جائے ہر جگہ میرے چمکنے سے اجالا ہو جائے
میرے اللہ! برائی سے بچانا مجھ کر نیک جو راہ ہو اس راہ پہ چلانا مجھ کو
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو! مسلمانن جا ٽيان خليفا حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه بلند رتبه صحابي آهن، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هڪ ڀيري نه بلڪ ڪيئي ڀيرا جنت جي خوشخبري ٻڌائي ۽ مآشاءَالله! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جنت جا خريدار آهن، اخروي ڪاميابي جو ايتري قدر شوق رکڻ وارا آهن جو جڏهن به موقعو مليو پاڻ پنهنجو مال راههِ خدا ۾ خرچ ڪري جنت ۾ وڃڻ جو سامان ڪيو، هڪ ڀيري نه بلڪ ڪيئي ڀيرا سندن جنت خريدي، مسجد حرام جي توسيع جي ضرورت پيش آئي، سندن جڳهه پيش ڪري جنت جي ضمانت حاصل ڪئي، مسجدِ نبوي شريف جي توسيع ڪرڻي هئي، سندن جڳهه پيش ڪري جنت جي ضمانت حاصل ڪئي، بِئرِ رومه خريد ڪري وقف ڪيو، اهڙي ريت غزوه تبوڪ جي موقعي تي به سندن خوب وڌي ڪري راههِ خدا ۾ خرچ ڪيو ۽ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجون دعائون حاصل ڪيون.
ڪاش! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه جو صدقو اسان کي به اخروي ڪاميابي جو شوق نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به راههِ خدا ۾ مال خرچ ڪري، پنهنجي