Book Name:Jannat Ke Kharidar
مالڪ وٽ پهتا، ان کي مسلسل سمجهائيندا رهيا، ان جو ذهن بڻائيندا رهيا، آخرڪار ان کي گهر وڪڻڻ تي راضي ڪري ورتو ۽ 10 هزار درهم (يعني سون جي سڪن) جي بدلي اهو گهر خريد ڪري بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مونکي خبر ملي آهي فلاڻو گهر مسجد حرام ۾ شامل ڪرڻ تي اوهان جنتي گهر جي ضمانت ڏني آهي، هاڻي اهو گهر منهنجو آهي، ڇا اوهان مون کي به اها ضمانت ڏيو ٿا. پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: نَعَمۡ يعني هائو! تنهنجي لاءِ به اها ئي ضمانت آهي. اهو ٻڌي ڪري حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡها هو گهر مسجد حرام جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.[1]
(1) مسجد نبوي جي توسيع ڪرڻ جي بدلي جنت
اهڙي طرح هڪ ڀيري مسجدِ نبوي شريف کي ڪشادو ڪرڻ جي لاءِ زمين جي ضرورت پئي، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه هزار يا 25 هزار دِرهم (يعني چاندي جي سِڪن) جي عيوض زمين خريد ڪري مسجدِ نبوي شريف جي لاءِ پيش ڪئي، ان وقت به مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کين جنّت جي بشارت عطا فرمائي.[2]
(2) کجورن جي باغ جي بدلي جنت خريد ڪئي
مديني پاڪ ۾ بَنُو نَجَّار جو هڪ کجورن جو باغ هيو، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڪير آهي جيڪو هن باغ کي خريد ڪري مسجد بڻائي؟ ان وقت به حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡها ڳرائي ڪئي، اهو باغ خريد ڪري مسجد ٺهرائي، ان تي سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان کان جنت جي باغ جو وعدو فرمايو. (فضائل الصحابہ لاحمد بن حنبل، 1/484، حدیث:784۔)